آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته ڪراچي ۾ امن لاءِ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن، موجوده چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ چوڪس رهڻو پوندو.
آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جو ڪراچي ڪور هيڊ ڪوارٽر ۽ رينجرز هيڊڪوارٽر جو دورو ڪيو، جتي ڪور ڪمانڊر ڪراچي سندس آجيان ڪئي.
پاڪ فوج جي ترجمان موجب جنرل قمر جاويد پاران جوانن ۽ آفيسرن سان به ملاقات ڪئي.
آءِ ايس پي آر موجب قمر جاويد باجوه پاران سنڌ رينجرز هيڊ ڪوارٽر جو به دورو ڪيو ويو، جي ڊي جي رينجرز پاران سندس آڌرڀاءُ ڪيو ويو.
پاڪ فوج جي ترجمان موجب آرمي چيف شهيد جي يادگار تي حاضري ڀري گلن جي چادر پڻ چاڙهي.
دوري دوران آرمي چيف کي خطي جي سيڪيورٽي ۽ ٻين معاملن تي بريفنگ ڏني وئي.
آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه پاران اسٽاڪ ايڪسچينج تي حملو ناڪام بڻائڻ تي جوانن کي ڀيٽا پڻ پيش ڪئي وئي.
سندس چوڻ هو ته موجوده چئلنجن کي منهن ڏيڻ لاءِ چوڪس رهڻو پوندو.
آرمي چيف چيو ته ڪراچي ۾ امن لاءِ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن.
آءِ ايس پي آر موجب جنرل قمر جاويد باجوه گيريزن، هيلٿ ۽ فيلڊ آئسوليشن سينٽر جو دورو پڻ ڪيو، جتي کيس بريفنگ ڏني وئي………..