فشريز جي ڊائريڪٽر پاران جولائي ۾مڇي جي شڪار تي پابندي سان گڏ مڇي جي خريد ۽ وڪري تي پابندي لڳائي سنڌ حڪومت جي حڪمن کي ھوا ۾ اڏائي ڇڏيو آهي.
ڪجهھ ڏينھن اڳ سنڌ حڪومت ايف سي ايس جي درخواست تي ھڪ مھيني جي لاءِ مڇي جي شڪار تان پابندي ختم ڪري مھاڻن کي سمنڊ ۾ وڃڻ جي اجازت ڏني ھئي جنھن بعد مھاڻا شڪار لاءِ سمنڊ ۾ نڪري پيا جيڪي واپس نه موٽيا آھن.
فشر مين ڪوآپريٽو سوسائٽي جي چيئرمين عبدالبر جو چوڻ آھي ته 1700 ننڍيون وڏيون لانچون سمنڊ ۾ کان واپس اچي رھيون آھن، ڊائريڪٽر فشريز پاران انھن کي مڇي لاھڻ جي اجازت نه پئي ڏني وڃي.
ھن چيو ته جيڪڏھن مڇي کي لاھڻ جي اجازت نه ڏني وئي ته مھاڻا مڇي ڪٿي لاھيندا سندس چوڻ ھو ته ڪراچي فش ھاربر جي 75 سالن جي تاريخ ۾ ڪڏھن به اھڙي قسم جي پابندي نه لڳائي وئي جيڪي فشريز ڊائريڪٽر سنڌ لڳائي آھي.
ايف سي ايس چيئرمين چيو ته ھو سنڌ حڪومت جي پابندي وارو فيصلو اکين تي مڃين ٿا پر مھاڻن کي مڇي لاھڻ کان روڪڻ واري عمل جي مذمت ڪن ٿا.
عبدالبر چيو ته 1700 لانچن کي فش ھاربر تي مڇي لاھڻ جي اجازت نه ملي ته ان جي نقصان جو ازالو ڪير ڪندو………..