رٿا بندي واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته ڪراچي سميت سنڌ ۾ ڪورونا وائرس جي صورتحال بهتر ناهي، سمارٽ لاڪ ڊائون سبب مريضن جو انگ گهٽ ٿيو، ايس او پيز تي عمل ڪرڻ سان بيماري گهٽ پکڙجندي.
اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اسد عمر چيو ته ايس او پيز تي عمل بابت هر هفتي جائزو ورتو ويندو آهي، ايس او پيز تي عمل لاءِ صوبن وڏي پئماني تي ڪارروايون ڪيون آهن.
هن چيو ته صوبن کي 20 هاٽ اسپاٽ جي نشاندهي ڪري آگاهه ڪيو ويو هو، اهڙا ملڪ به آهن جتي بيماري ۾ گهٽتائي کانپوءِ ٻيهر اضافو ٿيو.
سندس چوڻ هو ته آمرڪا ۾ بيماري گهٽ ٿيڻ کانپوءِ ٻيهر تيزي سان پکڙي آهي، احتياط نه ڪيو ويو ته ڪورونا وائرس جي پکيڙ ۾ اضافو ٿي سگهي ٿو.
اسد عمر چيو ته وينٽي ليٽر تي جون جي ڀيٽ ۾ مريض گهٽ آهن، عوام ايس او پيز تي عمل بهتر ڪيو جنهن سبب بيماري گهٽ پکڙي آهي.
هن چيو ته ايس او پيز تي