پرڏيهي آفيس جي ترجمان عائشه فاروقي چيو آهي ته ڀارت جي ناڪاري واويلا ۽ ظلم والاريل ڪشمير ۾ سچ کي دٻائي نه ٿو سگهي.
اسلام آباد ۾ ميڊيا کي هفتيوار بريفنگ ڏيندي عائشه فاروقي چيو ته ڀارت والاريل ڪشمير ۾ آباديءَ جو تناسب تبديل ڪرڻ چاهي ٿو.
هن چيو ته آزاد ڪشمير ۾ شهري آبادي تي ڀارتي فوج جي فائرنگ جي مذمت ڪن ٿا.
سندس چوڻ هو ته والاريل ڪشمير ۾ ڀارت پاران ڊوميسائيل بابت قانون کي رد ڪن ٿا.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان عائشه فاروقي چيو ته ڀارتي قانونن جو مقصد واديءَ ۾ ڪشميرين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ آهي.
هن چيو ته افغان امن عمل ۾ پاڪستان پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام توڙي ترقي لاءِ پرعزم آهي.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان عائشه فاروقي چيو ته پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ زلمي خليل زاد ۾ افغانستان جي صورتحال تي ڳالهيون ٿيون آهن.