سنڌ ۾ ڪورونا وائرس بابت بيان جاري ڪندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته 24 ڪلاڪن دوران 9 هزار 436 ٽيسٽون ڪيون ويون، جن مان 2430 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن.
هن چيو ته هيل تائين 4 لک 71 هزار 23 ٽيسٽون ڪيون ويون آهن، جن مان 89 هزار 225 ڪيس ظاهر ٿيا آهن.
سندس چوڻ هو ته وڌيڪ 31 مريض وائرس سبب فوت ٿي ويا، جنهن بعد فوتين جو انگ 1437 ٿي ويو آهي.
مراد علي شاهه چيو ته سنڌ ۾ وڌيڪ 1399 مريض صحتياب ٿي ويا، جنهن بعد وائرس کي شڪست ڏيندڙن جو انگ 50 هزار 226 ٿي ويو آهي.
وڏي وزير چيو ته سنڌ ۾ 754 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، جن مان 101 وينٽيليٽر تي آهن.
سيد مراد علي شاهه چيو ته نون ڪيس مان 1117 ڪيس ڪراچي ۾ ظاهر ٿيا، جن مان ڏکڻ ضلعي ۾ 389، اوڀر ضلعي ۾ 296، سينٽرل ۾ 168، ڪورنگي ۾ 117، ملير ۾ 111 ۽ اولهه ۾ 96 ڪيس ظاهر ٿيا.
هن چيو ته حيدرآباد ۾ 89، دادو ۾ 58، گهوٽڪي ۾ 55، گهوٽڪي ۾ 55، ٺٽي ۾ 51 شهيد بينظير آباد ۾ 48، ٽنڊي الهيار ۾ 47، لاڙڪاڻي ۾ 47، نوشهري فيروز ۾ 41، سکر ۾ 38، خيرپور ۾ 37، ٽنڊي محمد خان ۾ 37، شڪارپور ۾ 35، سجاول ۾ 30، مٽيري ۾ 21، ڄامشوري ۾ 19، بدين ۾ 17، جيڪب آباد ۾ 16، سانگهڙ ۾ 15، عمرڪوٽ ۾ 13، ميرپورخاص ۾ 11، قمبر ۽ ڪشور ۾ هڪ هڪ ڪيس ظاهر ٿيو.
وڏي وزير عوام کي ايس او پيز تي عمل ڪرڻ جي اپيل ڪئي.