سنڌ سرڪار طرفان مدو پورو ٿيڻ تي افغان پناهگيرن کي ڏيهه واپس موڪلڻ جو مطالبو ڪيو آهي، اسماعيل راهو جو چوڻ آهي ته سنڌ ڪو يتيم خانو ناهي جو هر پرڏيهي کي پناهه ڏي، غيرقانوني طور رهندڙ ڪراچي ۾ بدامني ۽ بيروزگاريءَ جو بنيادي سبب آهن.
جاري ڪيل بيان ۾ زراعت واري صوبائي وزير اسماعيل راهو جو چوڻ هو ته سنڌ اڳ ئي مسئلن جو شڪار ٿي وئي آهي، افغان پناهگيرن جو مدو وڌائڻ بدران کين واپس ڏيهه موڪليو وڃي.
هن چيو ته ڪراچي ۾ برمين، بنگالين ۽ افغانين سميت 25 لک کان وڌيڪ غير قانوني پناهگير آباد آهن.
صوبائي وزير چيو ته سنڌ ڪو يتيم خانو ناهي جو ٻاهران آيل هر پرڏيهيءَ کي پناهه ڏي، وفاق ٻڌائي ته هن وقت تائين ڪيترن پرڏيهين جي رجسٽريشن ڪئي وئي آهي.
اسماعيل راهو چيو ته نادرا ڪمائي جو ذريعو بڻائي ڇڏيو آهي، وفاقي گهرو وزير کي ڪجهه خبر ئي ناهي.
صوبائي وزير چيو ته غيرقانوني طور رهندڙ ڪراچي ۾ بدامني ۽ بيروزگاريءَ جو بنيادي سبب آهن، پندرهن ورهين دوران رڳو ڏيڍ لک پرڏيهين جي رجسٽريشن ڪئي وئي آهي.