پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ چيو آهي ته کين پاڪستان لاءِ وزيراعظم گهرجي، بدقسمتي سان ملڪ ۾ پي ٽي آءِ جو وزيراعظم آهي، عمران خان پاڻ کي اڪيلو آپشن قرار پيو ڏئي، کيس پاڻ کانسوءِ ٻيو ڪو به منظور ناهي، انشاءَ الله گلگت بلتستان جي چونڊن ۾ شڪست سان عمران خان ۽ پي ٽي آءِ حڪومت جي احتساب جي شروعات ٿيندي.
سماجي رابطن واري ويب سائٽ ٽوئٽر تي ٽوئٽ ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پي ٽي آءِ سرڪار کي وڃڻو پوندو.
هن چيو ته کين پاڪستان لاءِ وزيراعظم گهرجي، بدقسمتي سان ملڪ ۾ پي ٽي آءِ جو وزيراعظم آهي.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عمران خان پاڻ کي اڪيلو آپشن قرار پيو ڏئي، کيس پاڻ کانسوءِ ٻيو ڪو به منظور ناهي.
پ پ چيئرمين چيو ته هو سڀاڻي شام سوا چئين وڳي لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندو.
ان کان اڳ بلاول ڀٽو زرداري جي صدارت هيٺ پ پ گلگت بلتستان جي اڳواڻن جو وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پارٽي اڳواڻن کيس علائقي جي مجموعي صورتحال بابت آگاهي ڏني.
بلاول ڀٽو زرداريءَ کي پارٽي ٽڪيٽ هولڊرن پنهنجن تڪن ۾ چونڊ تيارين بابت بريفنگ پڻ ڏني.
ان موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪورونا وبا جي ڏهاڙي ۾ سنڌ اندر ننڍي چونڊ نه ٿي رهي آهي پر گلگت ۾ چونڊون ڪرايون پيون وڃن.
پ پ چيئرمين پارٽي اڳواڻن کي هدايت ڪندي چيو ته سندن اميدوار سماجي وٿي واري هدايتن تي عمل ڪندي چونڊ مهم هلائن.
هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي گلگت جي چونڊن ۾ ڪامياب ٿيندي.
بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته انشاءَ الله گلگت بلتستان جي چونڊن ۾ شڪست سان عمران خان ۽ پي ٽي آءِ حڪومت جي احتساب جي شروعات ٿيندي……….