دنيا ۾ ڪورونا وائرس سبب فوتين جو انگ پنج لک 14 هزار کان وڌي ويو آهي، جڏهن ته هزارين نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ سبب متاثرن جو انگ هڪ ڪروڙ 5 لک 84 هزار کان وڌي ويو آهي.
آمريڪا ۾ وڌيڪ 749 ڄڻا فوت ٿيڻ سبب فوتين جو انگ هڪ لک 30 هزار کان وڌي ويو آهي، جڏهن ته متاثرن جو انگ 27 لک 27 هزار کان وڌي ويو آهي.
برازيل ۾ هڪ هزار 271 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿيڻ سبب فوتين جو انگ وڌي 59 هزار 656 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 14 لک 8 هزار کان وڌيڪ متاثر آهن.
روس ۾ وڌيڪ 154 ڄڻا فوت ٿيڻ سبب فوتين جو انگ 9 هزار 320 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 6 لک 47 هزار 849 ٿي ويو آهي.
ڀارت ۾ وڌيڪ 506 ڄڻا فوت ٿيڻ سبب فوتين جو انگ 17 هزار 410 ٿي ويو آهي، هزارين نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد متاثرن جو انگ وڌي پنج لک 85 هزار792 ٿي ويو.
برطانيا ۾ وڌيڪ 155 ڄڻا اجل جو شڪار ٿيڻ بعد فوتين جو انگ 43 هزار 730 ٿي ويو آهي ۽ ٽي لک 12 هزار 654 متاثر آهن.
چلي ۾ وڌيڪ 113 ڄڻا حياتي وڃائي ويٺا جنهن بعد فوتين جو انگ وڌي 5 هزار 688 ٿي ويو آهي ۽ 2 لک 79 هزار 393 متاثر آهن.
اٽليءَ ۾ وڌيڪ 23 ڄڻا حياتي وڃائي ويٺا جنهن بعد فوتين جو انگ وڌي 34 هزار 767 ٿي ويو جڏهن ته نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد متاثرن جو انگ 2 لک 40 هزار 578 ٿي ويو.
ايران ۾ وڌيڪ 147 ڄڻا فوت ٿيڻ سبب فوتين جو انگ 10 هزار 817 ٿي ويو آهي، جڏهن ته ٻه لک 27 هزار کان وڌيڪ متاثر آهن.
ميڪسيڪو ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 648 ڄڻا فوت ٿيڻ جي نتيجي ۾ فوتين جو انگ 27 هزار 769 ٿي ويو آهي، جڏهن ته ٻه لک 26 هزار 09 متاثر آهن.
افغانستان ۾ وڌيڪ 13 ڄڻا فوت ٿيڻ سبب فوتين جو انگ 746 ٿي ويو آهي جڏهن ته وڌيڪ 279 نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد متاثرن جو انگ وڌي 31 هزار 517 ٿي ويو آهي.
بنگلاديش ۾ به ڪورونا وائرس سبب 64 ڄڻا حياتي وڃائي ويٺا آهن جنهن کانپوءِ فوتين جو انگ هڪ هزار 847 ٿي ويو آهي.
سعودي عرب ۾ پڻ وڌيڪ 50 ڄڻا حياتي وڃائي ويٺا آهن جنهن کانپوءِ فوتين جو انگ هڪ هزار 649 ٿي ويو آهي.
ترڪيءَ ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 16 ڄڻا اجل جو شڪار ٿيڻ بعد فوتين جو انگ وڌي 5 هزار 131کان وڌي ويو، هڪ هزار 293 نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ کانپوءِ متاثرن جو انگ وڌي هڪ لک 99 هزار 906 ٿي ويو آهي.
بوليويا ۾ وڌيڪ 57 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا آهن، جنهن سبب فوتين جو انگ وڌي هڪ هزار 71 ٿي ويو آهي.
پيرو ۾ 173، عراق ۾ 104، انڊونيشيا ۾71، گوئٽي مالا ۾ 27، ڪينيڊا ۾ 25، ايڪواڊور ۾ 25 ۽ يوڪرين ۾ وائرس سبب 12 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن.
دنيا ۾ 57 لک 95 هزار کان وڌيڪ مريض صحتياب به ٿي ويا……