جيڪب آباد ويجهو ڪارنهن الزام هيٺ جوابدار گهرواري سميت ٻن ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو.
مولاداد ٿاڻي جي حد ڳوٺ علي حسن جکراڻي ۾ احسان جکراڻي ڪارنھن الزام مڙهي جبل جکراڻي ۽ پنهنجي گهرواري کي گوليون هڻي قتل ڪيو.
جوابدار ٻٽو قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويو، جنهن بعد پوليس پھچي لاش اسپتال کڻائي وئي جتي پوسٽ مارٽم بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا.
مقتول نوجوان جي ڀيڻ ٻڌايو ته سندس ڀاءُ جوابدار وٽ ھارپو ڪندو ھو، کيس ڪم بهاني زمين تي وٺي وڃي قتل ڪيو ويو.
ان سلسلي ۾ مولاداد پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته جوابدار ڪارنهن الزام هيٺ ٻٽو قتل ڪيو آهي، جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڪوششون جاري آهن.
پوليس موجب جوابدار خلاف سرڪار جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويندو………
(Visited 6 times, 1 visits today)
لاڳاپيل خبرون
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ صحافي عزيز ميمڻ ۽ ذوالفقار مندراڻي جي خون سان انصاف لاءِ قلم ڌڻين پاران احتجاجي ...
سنڌ ۾ ڪورونا جا 573 نوان ڪيس ظاهر، وڌيڪ 5 مريض فوت ٿي ويا
صحت واري صوبائي وزير عذرا پيچوهو چيو آهي ته احساس پروگرام سبب سنڌ ۾ 178 ماڻهن ۾ ڪورونا پکڙي آهي.
سنڌ سرڪار سومر کان لاڪ ڊائون نرم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو