وزيراعظم هائوس ۾ ٿيندڙ اجلاس جو ٻارنهن نقاطي ايجنڊا پڻ جاري ڪيو ويو آهي.
ڪابينا جي اجلاس ۾ ملڪي معاشي، سياسي، ڪورونا جي صورتحال سميت پارٽي معاملن تي ويچاريو ويندو.
گهرو وزارت پاران پابندي پيل هٿيارن جا لائسنس جاري ڪرڻ وارو معاملو به ايجنڊا جو حصو آهي، جڏهن ته وفاقي ڪابينا اي او بي آءِ پينشنرز جي پينشن ۾ واڌ جو فيصلو ڪندي.
اجلاس ۾ ايران، عراق سميت ٻين ملڪن جي لاءِ زائرين پاليسي ريگيوليٽري فريم ورڪ پيش ڪيو ويندو.
ڪابينا کي وفاقي ميڊيڪل ٽيچنگ انسٽيٽيوٽ بل تي نيشنل هيلٿ ريفارمز ٽاسڪ فورس بابت بريفنگ پڻ ڏني ويندي.
پاڪستان سافٽ ويئر ايڪسپورٽ بورڊ جي ايم ڊي جي مقرري، اي سي سي ۽ ڪابينا جي توانائي ڪميٽي جي فيصلن جي منظوري، ايس اي سي پي جي مالي سال 2020 جي آڊيٽرز، ايس ڊي گولز حاصل ڪرڻ بابت گائيڊ لائن ۾ مٽاسٽا پڻ وفاقي ڪابينا جي ايجنڊا ۾ شامل آهي.
وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ راڻي باغ جو انتظام ماحوليات واري وزارت حوالي ڪرڻ وارو فيصلو پڻ ڪيو ويندو.