سنڌ ۾ ڪورونا وائرس جي پکيڙ تي ضابطو نه اچڻ سبب ڪيسن ۾ ڌڙا ڌڙ اضافو ٿي رهيو آهي.
حيدرآباد ۾ وڌيڪ 50 ڄڻا ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿي ويا.
صحت کاتي موجب 219 ڄڻن جا سيمپل ورتا ويا هئا، جن مان 50 ڄڻن جي رپورٽ پازيٽو آئي.
صحت کاتي جي عملدارن موجب وائرس ۾ مبتلا هڪ هزار 231 ماڻهو گهرن ۾ آئسوليٽ آهن.
سکر ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 22 ڪيس ظاهر ٿيڻ کانپوءِ متاثرن جو انگ 598 تائين پهچي ويو.
ضلعي انتظاميه موجب ٻه ڏينهن اڳ شڪي ماڻهن جون ٽيسٽون ڪرايون ويون، جن مان 22 ۾ وائرس جي تصديق ٿي آهي.
انتظاميه موجب ضلعي ۾ 598 ڄڻا ڪورونا ۾ مبتلا ٿي چڪا آهن.
گهوٽڪي ضلعي ۾ وڌيڪ 50 ڄڻن کي ڪورونا هجڻ جي تصديق ٿي.
ضلعي انتظاميه موجب 383 ڄڻن جي ٽيسٽ ڪئي وئي، جن مان 50 ماڻهن جي رپورٽ هاڪاري آئي.
ضلعي عملدار موجب نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ کانپوءِ ضلعي ۾ متاثر مريضن جو انگ 794 ٿي ويو.
خانپو مهر ۾ ڪورونا تي ضابطو نه اچڻ سبب وڌيڪ هڪ ڄڻي جي ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو اچي وئي.
صحت کاتي موجب هڪ ڏينهن اڳ 50 ڄڻن جا نمونا ورتا ويا هئا، جن مان هڪ جي رپورٽ هاڪاري آئي آهي.
شڪارپور ۾ ڪورونا پکيڙ ۾ مقامي سطح تي تيزي اچڻ بعد وڌيڪ 43 ڄڻن ۾ وائرس جي تصديق ٿي.
اي ڊي سي ون علي رضا انصاري موجب 196 ڄڻن جي ورتل ٽيسٽ مان 43 ڄڻن جي رپورٽ پازيٽو آئي آهي.
هن چيو ته متاثرن ۾ ٻه ٻارڙا، ڇهه عورتون ۽ 35 مرد شامل آهن، جن کي آئسوليٽ ڪيو ويو آهي.
سندس چوڻ هو ته شڪارپور ضلعي ۾ ڪورونا مريضن جو انگ 665 ٿي ويو آهي.
ڄامشوري ضلعي ۾ وڌيڪ ٽن ڄڻن ۾ ڪورونا جي تصديق ڪئي وئي.
ضلعي انتظاميا موجب متاثرن مان ٻن جو تعلق ڄامشوري ۽ هڪ جو ڪوٽڙي سان آهي.
انتظاميا موجب متاثرن کي آئسوليٽ ڪيو ويو آهي.
ضلعي انتظاميه جو چوڻ هو ته ڪورونا متاثرن جو انگ 473 ٿي ويو آهي.
نوشهري فيروز ۾ وڌيڪ ٻن ڄڻن جي ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو اچي وئي .
صحت کاتي موجب ٻه نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ کانپوءِ متاثرن جو انگ 241 تائين پهچي ويو آهي.
نوابشاهه ۾ ڪورونا جا ڪيس تيزي سان ظاهر ٿي رهيا آهن، جتي وڌيڪ 16 ڄڻن ۾ وائرس جي تصديق ٿي.
118 ڄڻن جا ڪورونا ٽيسٽ لاءِ نمونا ورتا ويا هئا، جن مان 16 ماڻهن جي رپورٽ هاڪاري آئي.
صحت کاتي جي عملدار جو چوڻ هو ته نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ کانپوءِ متاثر مريضن جو انگ 610 ٿي ويو آهي.
قاضي احمد هيلٿ سينٽر جو ايم ايس به ڪورونا ۾ مبتلا ٿي ويو.
صحت کاتي موجب ايم ايس جي رپورٽ پازيٽو اچڻ کانپوءِ سندس آفيس کي سيل ڪيو ويو آهي.
سيوهڻ ۾ ڪورونا جي پکيڙ تي ضابطو نه اچڻ سبب وڌيڪ پنج نوان ڪيس سامهون آيا.
سيد عبدالله شاهه ميڊيڪل انسٽيٽيوٽ ۾ 56 ڄڻن جي ٽيسٽ ڪئي وئي، جن مان پنجن جي رپورٽ جي پازيٽو آئي.
اسپتال انتظاميه موجب هڪ متاثر جو سيوهڻ، هڪ جو ڳوٺ دل، بوبڪ ۽ دادو سان آهي.
اسپتال انتظاميه موجب هيل تائين سيوهڻ ۾ 188 ڄڻن کي ڪورونا جي تصديق ٿي چڪي آهي.
ٻئي طرف ٺٽي ۾ ڪورونا ڪيس وڌڻ بعد وڌيڪ ٻن علائقن کي ڪيو ويو آهي.
ضلعي انتظاميا موجب جنگشاهي جو هڪ ڳوٺ ۽ گهاري جو هڪ پاڙو سيل ڪيو ويو.
ڳوٺ سبز علي بروهي ۽ عيد گاهه پاڙي ڏانهن ايندڙ ويندڙ رستا بند ڪيا ويا آهن………….