ملڪ ۾ ڪورونا وائرس وڌيڪ 59 حياتيون ڳڙڪائي ويو آهي، جنهن بعد فوتين جو انگ وڌي 3 هزار 9 سئو 62 ٿي ويو.
نيشنل ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول آپريشن سينٽر موجب ٻه هزار ست سئو پنجهتر نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد متاثر مريضن جو انگ هڪ لک 95 هزار 745 تائين پهچي ويو.
هن چيو ته سنڌ ۾ 75 هزار هڪ سئو 68 ۽ پنجاب ۾ 71 هزار 987 ڄڻا ڪورونا ۾ مبتلا ٿي ويا آهن.
سندس چوڻ هو ته خيبرپختونخواهه ۾ چويهه هزار ٽي سئو ٽي ۽ بلوچستان ۾ نون هزار نون سئو ڇائيتاليهه ڪورونا جا ڪيس ظاهر ٿيا آهن.
ترجمان موجب اسلام آباد ۾ يارنهن هزار 981، گلگت بلتستان 9 هزار 946 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 962 ڄڻن کي ڪورونا هجڻ جي تصديق ٿي وئي آهي.
سندس چوڻ هو ته ته ملڪ ۾ 84 هزار 168 ڄڻا ڪورونا کي شڪست ڏئي صحتياب ٿي ويا آهن.
هن چيو ته سنڌ ۾ هڪ هزاز 178 ڄڻا، پنجاب ۾ هڪ هزار 629، خيبر پختونخواهه ۾ 879 فوت ٿي چڪا آهن.
اين سي او سي جي ترجمان موجب اسلام آباد ۾ 119، بلوچستان ۾ 109، گلگت بلتستان ۾ 23 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 25 ڄڻا زندگي جي جنگ هارائي ويٺا آهن.