آمريڪا ۾ وڌيڪ 663 ڄڻا فوت ٿيڻ سبب فوتين جو انگ هڪ لک 27 هزار 640 کان وڌي ويو آهي، جڏهن ته متاثرن جو انگ 25 لک 52 هزار کان وڌي ويو آهي.
برازيل ۾ هڪ هزار 55 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿيڻ سبب فوتين جو انگ وڌي 56 هزار 109 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 12 لک 80 هزار کان وڌيڪ متاثر آهن.
روس ۾ وڌيڪ 176 ڄڻا فوت ٿيڻ سبب فوتين جو انگ 8 هزار 781 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 6 لک 20 هزار 794 ٿي ويو آهي.
ڀارت ۾ وڌيڪ 381 ڄڻا فوت ٿيڻ سبب فوتين جو انگ 15 هزار 689 ٿي ويو آهي، هزارين نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد متاثرن جو انگ وڌي پنج لک 9 هزار 170 ٿي ويو.
برطانيا ۾ وڌيڪ 184 ڄڻا اجل جو شڪار ٿيڻ بعد فوتين جو انگ 43 هزار 414 ٿي ويو آهي ۽ ٽي لک 9 هزار 360 متاثر آهن.
اٽليءَ ۾ وڌيڪ 30 ڄڻا حياتي وڃائي ويٺا جنهن بعد فوتين جو انگ وڌي 34 هزار 708 ٿي ويو جڏهن ته نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد متاثرن جو انگ 2 لک 39 هزار 961 ٿي ويو.
ايران ۾ وڌيڪ 109 ڄڻا فوت ٿيڻ سبب فوتين جو انگ 10 هزار 239 ٿي ويو آهي، جڏهن ته ٻه لک 17 هزار کان وڌيڪ متاثر آهن.
ميڪسيڪو ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 719 ڄڻا فوت ٿيڻ جي نتيجي ۾ فوتين جو انگ 25 هزار 779 ٿي ويو آهي، جڏهن ته ٻه لک 8 هزار 392 متاثر آهن.
افغانستان ۾ وڌيڪ 8 ڄڻا فوت ٿيڻ سبب فوتين جو انگ 683 ٿي ويو آهي جڏهن ته وڌيڪ 276 نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد متاثرن جو انگ وڌي 30 هزار 451 ٿي ويو آهي.
بنگلاديش ۾ به ڪورونا وائرس سبب 40 ڄڻا حياتي وڃائي ويٺا آهن جنهن کانپوءِ فوتين جو انگ هڪ هزار 661 ٿي ويو آهي.
سعودي عرب ۾ پڻ وڌيڪ 46 ڄڻا حياتي وڃائي ويٺا آهن جنهن کانپوءِ فوتين جو انگ هڪ هزار 474 ٿي ويو آهي.
ترڪيءَ ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 19 ڄڻا اجل جو شڪار ٿيڻ بعد فوتين جو انگ وڌي 5 هزار 65 کان وڌي ويو، هڪ هزار 396 نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ کانپوءِ متاثرن جو انگ وڌي هڪ لک 94 هزار 511 ٿي ويو آهي.
بوليويا ۾ وڌيڪ 37 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا آهن، جنهن سبب فوتين جو انگ وڌي 913 ٿي ويو آهي.
پيرو ۾ 178، چلي ۾ 165، عراق ۾ 122، انڊونيشيا ۾63، سويڊن ۾ 50، فرانس ۾ 26، گوئٽي مالا ۾ 22، ڪينيڊا ۾ 3، جرمني ۾ 5 ۽ يوڪرين ۾ وائرس سبب 19 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن.
دنيا ۾ 53 لک 58 هزار کان وڌيڪ مريض صحتياب به ٿي ويا.