Sindhtv News
  • پاڪستان
  • سنڌ
  • بين الاقوامي
  • ڪاروبار
  • رانديون
  • شوبز
  • دلچسپ ۽ عجيب
  • پروگرامز
    • حيدرآباد ٽائيم
    • جيڪب آباد ٽائيم
    • لائيف لائين
    • ڪراچي ڊائري
    • هاٽ اشوز
    • جائزو
    • بهائينڊ دي نيوز
    • راڄڌاني ٽائيم
    • منظر پسمنظر
    • شهيد بينظير آباد ٽائيم
    • ڪلاس روم
    • حقيقت
    • کيتي سر سيتي
    • اسپورٽس باڪس
    • نيو جنريشن
    • وستي وستي
    • سکر ٽائيم
    • ميرپورخاص ٽائيم
  • هيڊلائينز
  • وڊيوز
  • آرڪائيو
    • رپورٽس
    • ڊاڪيومينٽريز
W3Schools
Sindhtv News
  • پاڪستان
  • سنڌ
  • بين الاقوامي
  • ڪاروبار
  • رانديون
  • شوبز
  • دلچسپ ۽ عجيب
  • پروگرامز
    • حيدرآباد ٽائيم
    • جيڪب آباد ٽائيم
    • لائيف لائين
    • ڪراچي ڊائري
    • هاٽ اشوز
    • جائزو
    • بهائينڊ دي نيوز
    • راڄڌاني ٽائيم
    • منظر پسمنظر
    • شهيد بينظير آباد ٽائيم
    • ڪلاس روم
    • حقيقت
    • کيتي سر سيتي
    • اسپورٽس باڪس
    • نيو جنريشن
    • وستي وستي
    • سکر ٽائيم
    • ميرپورخاص ٽائيم
  • هيڊلائينز
  • وڊيوز
  • آرڪائيو
    • رپورٽس
    • ڊاڪيومينٽريز
W3Schools
Sindhtv News
W3Schools
Home پاڪستان
ن ليگ اڳواڻ احسن اقبال چيو آهي ته غلط فيصلن سان ملڪي معيشت تباهي جي ويجهو پهچي چڪي آهي،

عمران خان جو تعلق مديني جي رياست نه پر سوويت يونين سان آهي: احسن اقبال

by sindhtv
جُون 26, 2020
in پاڪستان
0
0
SHARES
11
VIEWS
Share on FacebookShare on Twitter

قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ مخالف ڌر پاران وزيراعظم عمران خان تي سخت تنقيد ڪئي وئي، ن ليگ اڳواڻ احسن اقبال جو چوڻ آهي ته عمران خان جو تعلق مديني جي رياست نه پر سوويت يونين سان آهي، هو پاڪستان جو گورباچوف آحي، حڪمران هر محاذ تي ناڪام ٿي ويا آهن،کنڊ چورن کي بچائڻ لاءِ سموري انڊسٽريءَ کي چور بڻايو ويو آهي، هڪ جهاز ڪريش ٿيڻ تي سموري ايوي ايشن انڊسٽريءَ کي داءُ تي لڳايو ويو، پ پ جي نفيسه شاهه چيو ته اساما بن لادن کي شهيد قرار ڏيڻ وڏي غلطي آهي.
قومي اسيمبليءَ جو اجلاس اسپيڪر اسد قيصر جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن دوران مخالف ڌر وزيراعظم عمران خان تنقيد جا تيز وسايا.
ن ليگ اڳواڻ احسن اقبال چيو ته وزيراعظم عمران خان چوي ٿو سندس بيانن ۾ تضاد ناهي، قرض نه وٺڻ جو چيو ويو، پر هنن وڌيڪ قرض ورتا، ننڍي ڪابينا جي دعويٰ ڪندڙ جي وزيرن ۽ صلاحڪار جي فوج آهي.
هن چيو ته حڪومت هر محاذ تي ناڪام ٿي آهي، وزيراعظم جي تقرير سان ڪنهن جو پيٽ ناهي ڀرجندو نه ئي ملڪ هلندو آهي.
احسن اقبال چيو ته عمران خان مديني جي رياست جو مثال ڏيندو آهي پر هو مديني جي رياست نه پر سوويت يونين جو ماڊل آهي آهي، عمران خان پاڪستان جو گورباچوف آهي.
ن ليگ اڳواڻ چيو ته عمران خان جو مقصد رڳو وزيراعظم بڻجڻ هو، ٿي ته ويو پر وٽس ڪو پلان ناهي، چيو ويندو آهي ته ڪپتان ديانتدار آهي سندس صلاحڪار سٺا ناهن، پر هو چوندو ته ڪپتان پاڻ نااهل ۽ نالائق آهي.
پ پ ايم اين اي نفيسه شاهه چيو ته وزيراعظم کي جرمني ۽ جاپان ۾ فرق جي ناهي عمران خان جي بيان سان پاڪستان جي ساک متاثر ٿي.
هن چيو ته هوابازي واري وزير جهاز حادثي جي رپورٽ پيش ڪندي چيو ته 800 پائليٽن مان 290 پائليٽن جا لائسنس جعلي آهن هو غلام سرور خان کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪن ٿا.
نفيسه شاهه چيو ته وزيراعظم عمران خان اسامه بن لادن کي شهيد قرار ڏنو، جنهن سان انٽرنيشنل ميڊيا ۾ گهڻيون هيڊلائنز ٺهيون، جيڪڏهن سندس زبان ترڪي وئي ته به اها وڏي غلطي آهي.
پ پ ايم اين اي چيو ته هڪ وزير چوي ٿي ته ڪورونا جا 19 قسم هوندا آهن، جنهن تي اسپيڪر کيس چيو ته اوهان سياسي تقرير ڪري رهيا آهيو.
نفيسه شاهه چيو ته نه هوءَ ڪابينا جي ڪارڪردگي جي ڳالهه پئي ڪري، وزير عوام کي ڪهڙو ميسيج ڏئي رهيا آهن.
اسپيڪر نفيسه شاهه کي ڳالهائڻ کان روڪي ڇڏيو، جنهن تي هن احتجاج ڪيو.
وفاقي وزير علي محمد خان ڳالهائيندي چيو ته اڙهين ترميم جا جتي فائدا آهن، اتي ڪجهه نقصان به آهن، ترميم بعد زرعي پيداوار ۾ ست سيڪڙو گهٽتائي ٿي.
هن چيو ته سياحت جو شعبو پاڪستان جي تقدير تبديل ڪري سگهي ٿو…

(Visited 11 times, 1 visits today)

لاڳاپيل خبرون

اليڪشن ڪميشن، ملڪيتن جي تفصيلن ۾ فرق هجڻ تي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي.
سي ڊي ڊبليو پي ايم ايل ون رٿا جي منظوري ڏئي ڇڏي
ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جا وار جاري آهن، 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 78 ڄڻا فوت ٿي ويا
ڀارت کان رقم وٺڻ جو معاملو حقيقت آهي:ايم ڪيو ايم لنڊن اڳوڻو اڳواڻ محمد انور
ShareTweetShare
Previous Post

نصرت سحر عباسي سوشل ميڊيا تي ڪردار ڪشي خلاف ايف آءِ اي سائبر ڪرائيم کي درخواست ڏئي ڇڏي آهي

Next Post

جن پائليٽن خلاف جاچ ٿي اهي 2018 کان اڳ ڀرتي ٿيا: غلام سرور خان

sindhtv

Next Post
جن پائليٽن خلاف جاچ ٿي اهي 2018 کان اڳ ڀرتي ٿيا: غلام سرور خان

جن پائليٽن خلاف جاچ ٿي اهي 2018 کان اڳ ڀرتي ٿيا: غلام سرور خان

© 2020 - SINDHTVNEWS. All Rights Reserved

No Result
View All Result
  • پاڪستان
  • سنڌ
  • بين الاقوامي
  • ڪاروبار
  • رانديون
  • شوبز
  • دلچسپ ۽ عجيب
  • پروگرامز
    • حيدرآباد ٽائيم
    • جيڪب آباد ٽائيم
    • لائيف لائين
    • ڪراچي ڊائري
    • هاٽ اشوز
    • جائزو
    • بهائينڊ دي نيوز
    • راڄڌاني ٽائيم
    • منظر پسمنظر
    • شهيد بينظير آباد ٽائيم
    • ڪلاس روم
    • حقيقت
    • کيتي سر سيتي
    • اسپورٽس باڪس
    • نيو جنريشن
    • وستي وستي
    • سکر ٽائيم
    • ميرپورخاص ٽائيم
  • هيڊلائينز
  • وڊيوز
  • آرڪائيو
    • رپورٽس
    • ڊاڪيومينٽريز

© 2020 - SINDHTVNEWS. All Rights Reserved

Live Updates COVID-19 CASES
  • Pakistan
    Confirmed 527,146
    Active 35,293
    Recovered 480,696
    Death 11,157