سنڌ ۾ ڪورونا وگهي 27 ڄڻا فوت، 1150 نوان ڪيس ظاهر
ستاويهه ڄڻن جي فوت ٿيڻ بعد انگ 1205 ٿي ويو
نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد متاثرن جو انگ 76 هزار 318 ٿي ويو
گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 5 هزار 103 ٽيسٽون ڪيون ويون: وڏو وزير
هن وقت 13 سئو 75 مريض مختلف اسپتالن ۾ علاج هيٺ آهن: وڏو وزير
هن وقت 672 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي، 110 وينٽي ليٽر تي آهن: وڏو وزير
صوبي ۾ 1252 مريض صحتياب، انگ 41 هزار 992 ٿي ويو: وڏو وزير
ظاهر ٿيل ڪيسن مان هڪ هزار 50 جو تعلق ڪراچي سان آهي: مراد علي شاهه
اوڀر ضلعي ۾ 322، ڏکڻ ۾ 300 ۽ اولهه ۾ 143 ڪيس رپورٽ: وڏو وزير
سينٽرل ۾ 111،. ملير م 88 ۽ ڪورنگي ۾ 86 ڪيس ظاهر: وڏو وزير
حيدرآباد ۾ 22، ڄامشوري ۽ گهوٽڪي ۾ 7-7 ڪيس: مراد علي شاهه
لاڙڪاڻي ۽ سکر ۾ 3-3، عمرڪوٽ ۽ سانگهڙ ۾ 2-2 ڪيس رپورٽ: وڏو وزير
شهيد بينظيرآباد ۾ وڌيڪ هڪ ڪيس ظاهر ٿيو آهي: مراد علي شاهه
عوام ايس او پيز تي عمل ڪري ۽ هڪٻئي جو خيال رکيو وڃي: وڏو وزير
پاڻ ۽ ٻين کي ڪورونا کان بچايو وڃي: وڏو وزير مراد علي شاهه