پ پ چيرمين بلاول ڀٽو زرداري، وزيراعظم عمران خان کي مناظري جو چئلينج ڏيندي چيو آهي ته سندن وزيراعظم اليڪٽيڊ نه پر سليڪٽڊ آهي، جيڪڏهن هو چونڊيل هجي ها ته کيس عوام جو خيال هجي ها، وفاقي سرڪار جي نااهليءَ سبب ملڪ ۾ ڪورونا وبا پکڙي آهي، آءِ ايم ايف کي خوش ڪرڻو آهي ته ڀلي لاڪ ڊائون نه ڪيو وڃي، وزيراعظم کي ليڪچر ڏيڻ جو شوق آهي، عمل ڪرڻ جي عادت ناهي.
قومي اسيمبليءَ جي اجلاس کي خطاب ڪندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ترقي جي سڀ کان گهٽ شرح موجوده حڪومت جو ڪارنامو آهي، ڪورونا کان اڳ ئي معيشت نيگيٽو گروٿ ۾ هئي، ان ڪري هو چون ٿا ته حڪومت ڪورونا پويان لڪي رهي آهي.
هن چيو ته وزيراعظم چوي ٿو ته سڀ کان ڪامياب پاليسي پرڏيهي پاليسي آهي ته پوءِ ڀارت گڏيل قومن جو غير مستقل ميمبر ڪيئن بڻيو؟ عمران خان واحد وزيراعظم آهي، جنهن موديءَ جي اليڪشن مهم هلائي، چيو ته مودي ڪامياب ٿيو ته ڪشمير مسئلو حل ٿي ويندو.
سندس چوڻ هو ته حڪومت جي پرڏيهي پاليسي بزدلاڻي ۽ ڪمزور آهي، وزيراعظم صاحب ڪشميرين کان پچو ته ڇا پرڏيهي پاليسي ڪامياب آهي؟
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جهڙيءَ ريت بيماري پکڙجي رهي آهي، وبا تي ڪارگل جنگ جهڙو ڪردار ادا ڪيو پيو وڃي، رياست تڏهن ان جنگ کي به مڃڻ لاءِ تيار نه هئي.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عمران خان جمهوري طريقي سان چونڊجي ها ته عوام جي ڳڻتي ڪري ها هو چونڊيل نه پر سليڪٽيڊ آهي.
پ پ چيئرمين چيو ته وزيراعظم ڪيئن ٿو چئي سگهي ته هو وبا جو مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار آهن؟ جيڪڏهن تيار آهن ته ڊاڪٽر ۽ نرسون ڇو روئي رهيا آهن، هي سڀ ڪجهه وزيراعظم جي انا سبب ٿيو آهي، جيترا ماڻهو مرندا اوترو معيشت کي نقصان ٿيندو.
بلاول ڀٽو زرادري چيو ته وبا جي آمد تي ٻن هفتن ۾ جنگي بنيادن تي ڪم ڪرڻ گهرجي ها، حڪومت جي نالائقي سبب وبا تيزيءَ سان پکڙجي.
پ پ چيئرمين چيو ته آءِ ايم ايف کي خوش ڪرڻو آهي ته ڀلي لاڪ ڊائون نه ڪيو وڃي.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته وزيراعظم کي ليڪچر ڏيڻ جو شوق آهي، عمل ڪرڻ جي عادت ناهي، هو کيس مناظري جو چئلينج ڏي ٿو.
هن چيو ته ماڪڙ موجود آهي پر وفاقي سرڪار جو هڪ به جهاز اڏامڻ لاءِ تيار ناهي، سکر ۾ جهاز لاءِ پائليٽ ناهي، هي وقت عوام جي زندگين جو تحفظ ڪرڻ جو آهي پر حڪومت جي ڪا به سوچ ناهي.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ملڪي معيشت کي جيترو نقصان وزيراعظم عمران خان پهچايو، اوترو ڪنهن ناهي پهچايو.