ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ متاثر ٿيل علائقا مڪمل طور سيل آهن، جتي ڪاروبار بند رکيو ويو.
صدر، کارادر، لي مارڪيٽ ۽ ٻين متاثرن علائقن ۾ ڪاروبار بند رهيو.
حيدرآباد جي مختلف علائقن جون يوسيون مسلسل سيل آهن، جڏهن ته ماڻهن جي اچ وڃ محدود نه ٿي سگهي.
قاسم آباد جي مختلف يوسين سميت ٻين متاثر علائقن جي پاڙن ۾ ڪاروبار بند رهيو.
لاڙڪاڻي ضلعي انتظاميه طرفان ڪورونا ڪيسن ۾ واڌ کانپوءِ ڏهن ڏينهن جي اعلانيل سخت لاڪ ڊائون جي ٽئين ڏينهن به سيل ٿيل علائقا بندر روڊ ۽ شاهي بازار جي دڪانن سميت کچي پاڙي جون سموريون گهٽيون مڪمل طور بند رهيون.
سيل ڪيل پاڙن ۾ اچ وڃ تي پابندي لڳائي سيڪيورٽي جا انتهائي سخت انتظام ڪيا ويا .
سخت لاڪ ڊائون سبب ريشم گلي، صديقي بازار، سونارا بازار سميت ٻيا ننڍا وڏا ڪاروباري مرڪز توڙي شاپنگ هال بند رهيا جڏهن ته شهر جي سمورن روڊن ۽ چوڪن تي معمول موجب ٽريفڪ روان دوان هئي.
شهر ۾ سخت لاڪ ڊائون دوران ميڊيڪل اسٽور، کير، ڏهي جا دڪان، بيڪريون توڙي مخصوص دڪان کليل رهيا جتي شهرين جي وڏي انگ پهچي خريداري پڻ ڪئي.
ڪورونا ڪيس وڌڻ بعد مديجي شهر ۽ جندو ديرو ڳوٺ کي سيل ڪيو ويو.
ڪورونا ڪيس وڌڻ بعد ضلعي انتظاميه شهر سيل ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو.
مديجي ۾ به مقامي سطح تي ڪيس ظاهر ٿيڻ کانپوءِ شهر ڏانهن ايندڙ ويندڙ رستن کي سيل ڪري پوليس اهلڪارن کي پڻ مقرر ڪيو ويو آهي.
مٺي ۾ ڌڙا ڌڙ ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد شهر جي پاڙها ڪالوني، ڪمل شيواداري هائوس، مجاز بجير جي گهٽي، پاور مل کتري هائوس ۽ سونارا ڪميونٽي سينٽر توڙي ٻين هنڌن کي سيل ڪيو پيو وڃي.
ڊي سي موجب ڪورونا جي پکيڙ کي روڪڻ لاءِ ڄاڻايل علائقن کي سيل ڪيو پيو وڃي…
ڊي سي گهوٽڪي پڻ ميرپور ماٿيلي جي ڳوٺ عيسو ڪلوڙ کي سڀاڻي کان سيل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ليفٽيننٽ رٽائرڊ محمد خالد سليم موجب ڪورونا جي وڌندڙ ڪيسن سبب ڳوٺ کي سيل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويوآهي.