Sindhtv News
  • پاڪستان
  • سنڌ
  • بين الاقوامي
  • ڪاروبار
  • رانديون
  • شوبز
  • دلچسپ ۽ عجيب
  • پروگرامز
    • حيدرآباد ٽائيم
    • جيڪب آباد ٽائيم
    • لائيف لائين
    • ڪراچي ڊائري
    • هاٽ اشوز
    • جائزو
    • بهائينڊ دي نيوز
    • راڄڌاني ٽائيم
    • منظر پسمنظر
    • شهيد بينظير آباد ٽائيم
    • ڪلاس روم
    • حقيقت
    • کيتي سر سيتي
    • اسپورٽس باڪس
    • نيو جنريشن
    • وستي وستي
    • سکر ٽائيم
    • ميرپورخاص ٽائيم
  • هيڊلائينز
  • وڊيوز
  • آرڪائيو
    • رپورٽس
    • ڊاڪيومينٽريز
W3Schools
Sindhtv News
  • پاڪستان
  • سنڌ
  • بين الاقوامي
  • ڪاروبار
  • رانديون
  • شوبز
  • دلچسپ ۽ عجيب
  • پروگرامز
    • حيدرآباد ٽائيم
    • جيڪب آباد ٽائيم
    • لائيف لائين
    • ڪراچي ڊائري
    • هاٽ اشوز
    • جائزو
    • بهائينڊ دي نيوز
    • راڄڌاني ٽائيم
    • منظر پسمنظر
    • شهيد بينظير آباد ٽائيم
    • ڪلاس روم
    • حقيقت
    • کيتي سر سيتي
    • اسپورٽس باڪس
    • نيو جنريشن
    • وستي وستي
    • سکر ٽائيم
    • ميرپورخاص ٽائيم
  • هيڊلائينز
  • وڊيوز
  • آرڪائيو
    • رپورٽس
    • ڊاڪيومينٽريز
W3Schools
Sindhtv News
W3Schools
Home بين الاقوامي
ڊيٽا رڪارڊر ۽ ڪاڪ پٽ وائس رڪارڊر جي جاچ مان اهم ڄاڻ حاصل

وفاقي سرڪار، پي آءِ اي جهاز حادثي جو ذميوار پائليٽ ۽ ايئر ٽريفڪ ڪنٽرولر کي قرار ڏنو آهي،

by sindhtv
جُون 24, 2020
in بين الاقوامي, پاڪستان, هيڊلائينز
0
0
SHARES
6
VIEWS
Share on FacebookShare on Twitter

وفاقي سرڪار، پي آءِ اي جهاز حادثي جو ذميوار پائليٽ ۽ ايئر ٽريفڪ ڪنٽرولر کي قرار ڏنو آهي، هوابازي واري وفاقي وزير غلام سرور خان جو چوڻ آهي ته پائليٽ جو ڌيان جهاز سنڀالڻ بدران ڪورونا وائرس تي هو، هن ايئر ٽريفڪ ڪنٽرولر جي هدايتن کي به نظرانداز ڪيو، جهاز جي انجڻ ٽي ڀيرا رن سان ٽڪرائجي جنهن جي وڊيو موجود آهي، اڏام دوران ٻئي پائليٽ حاضر دماغ نه هئا.
قومي اسيمبليءَ جي اجلاس دوران هوابازي واري وفاقي وزير غلام سرور خان پي آءِ اي جهاز حادثي جي عبوري رپورٽ پيش ڪئي.
سندس چوڻ هو ته شفاف ۽ اڻ ڌري جاچ ٿي رهي آهي، مڪمل رپورٽ به ايوان آڏو پيش ڪئي ويندي، جنهن ۾ سمورا سبب، معاوضي جا تفصيل ۽ ٻيون شيون شامل هونديون.
غلام سرور خان چيو ته بدقسمتيءَ سان هي پهريون واقعو ناهي، 72 ورهين ۾ 12 جهاز حادثا ٿيا، جن جي نه جاچ ٿي نه ئي رپورٽ سامهون آئي، جنهن ڪري ذميوارن جو پتو نه پيو.
هوابازي واري وزير چيو ته پي آءِ اي جهاز حادثي ۾ 97 ڄڻا شهيد ٿيا، ان ئي رات ٽيم جوڙي ۽ رات ئي بورڊ ڪراچي پهتو، جنهن جاچ شروع ڪئي.
غلام سرور خان چيو ته ايئر ڪنٽرولر 3 ڀيرا پائليٽ کي اونچائي بابت آگاهه ڪيو پر پائليٽ ايئر ڪنٽرولر جي هدايت کي نظر انداز ڪيو، ڪوتاهي ايئر ڪنٽرولر ۽ پائليٽ ٻنهي کان ٿي.
هن چيو ته عبوري رپورٽ ۾ ڪنٽرول ٽاور ۽ پائليٽ جي ڪوتاهي سامهون آئي، جهاز رن سان ٽي ڀيرا ٽڪرايو، جنهن جي وڊيو وٽس موجود آهي.
غلام سرور خان چيو ته جهاز جڏهن ٻيهر ٽيڪ آف ٿيو ته ٻنهي انجڻن کي گهڻو نقصان پهچي چڪو هو، لينڊنگ گيئر کانسواءِ جهاز 3ڀيرا رن وي سان ٽڪرائجو.
هن چيو ته جاچ رپورٽ موجب پائليٽ ۽ ايئر ٽريفڪ ڪنٽرولر تجويز ڪيل طريقيڪار استعمال نه ڪيو.
هوابازي واري وزير چيو ته پائليٽ فائنل اپروچ تي ڪنهن فني خرابي جي نشاندهي نه ڪئي، جهاز رن وي کان اڍائي هزار فوٽ تي هجڻ گهرجي ها، پر جهاز 7220 هزار فوٽن جي بلنديءَ تي هو ۽ اها پهرين ڀڃڪڙي هئي.
سندس چوڻ هو ته ڪاڪ پٽ وائس رڪارڊر مان خبر پئي ته ٻئي پائليٽ ڪورونا وائرس بابت ڳالهائي رهيا هئا، ٻنهي جا خاندان وائرس متاثر هئا، اڏام دوران ٻئي پائليٽ حاضر دماغ نه هئا، پائليٽن جو ڌيان نه هجن سبب حادثو ٿيو.
غلام سرور خان چيو ته وائس رڪارڊ ۾ موجود ايئر ڪنٽرولر پائليٽ کي چيو ته اوهان مٿانهين اڏام تي آهيو، هڪ چڪر هڻي اچو، جڏهن ته 10 نائيٽڪل ميلز تي لينڊنگ گيئر کوليا ويا ۽ پوءِ بند ڪيا ويا.
غلام سرور خان چيو ته حادثي ۾ 29 گهر مڪمل طور تباهه ٿي ويا، جن جو به ازالو ڪيو ويندو، متاثرن کي متبادل گهر به ڏنا ويا آهن، فوتين مان 19 ڄڻن 10-10 لک رپيا فراهم ڪيا ويا، هڪ گهر جي ٻارڙي شهيد ٿي، ان کي به معاوضو ڏنو ويو.
غلام سرور خان چيو ته بدقسمتيءَ سان پي آءِ اي جي چئن پائليٽن جون ڊگريون جعلي نڪتيون آهن، ڀرتين دوران ميرٽ کي نظرانداز ڪيو ويو، پائليٽن کي سياسي بنيادن تي ڀرتي ڪرايو ويندو آهي، جيڪا ڏک جي ڳالهه آهي.
هوابازي واري وفاقي وزير چيو ته عدالت کي به حقيقتن کان آگاهه ڪيو ويندو، ذميوارن خلاف بنا فرق ايڪشن ٿيندو.

(Visited 6 times, 1 visits today)

لاڳاپيل خبرون

مواصلاتي واري وفاقي وزير مراد سعيد اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پاڪ چين دوستيءَ جي اعليٰ م...
چين هڪ ڀيرو وري ن ليگ جي صدر شهبازشريف کي  مدد ۽ علاج  جي آڇ ڪئي آهي
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پنهنجي نااهلي لڪائڻ لاءِ صحت واري سيڪريٽري جي قرباني جو ڇيلو بڻايو: حليم ...
بالي ووڊ جي مشهور ڪوريو گرافر سروج خان لاڏاڻي ڪري وئي.
ShareTweetShare
Previous Post

جي يو آءِ اڳواڻ مولانا عبدالغفور حيدري چيو آهي ته موجوده حڪومت ڪنهن به مسئلي تي سنجيدا ناهي،

Next Post

سنڌ ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 37 مريض فوت ٿي ويا ۽ 1414 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن،

sindhtv

Next Post
سنڌ ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 762 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن ۽ وڌيڪ 14 ماڻهو فوت ٿي ويا آهن.

سنڌ ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 37 مريض فوت ٿي ويا ۽ 1414 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن،

© 2020 - SINDHTVNEWS. All Rights Reserved

No Result
View All Result
  • پاڪستان
  • سنڌ
  • بين الاقوامي
  • ڪاروبار
  • رانديون
  • شوبز
  • دلچسپ ۽ عجيب
  • پروگرامز
    • حيدرآباد ٽائيم
    • جيڪب آباد ٽائيم
    • لائيف لائين
    • ڪراچي ڊائري
    • هاٽ اشوز
    • جائزو
    • بهائينڊ دي نيوز
    • راڄڌاني ٽائيم
    • منظر پسمنظر
    • شهيد بينظير آباد ٽائيم
    • ڪلاس روم
    • حقيقت
    • کيتي سر سيتي
    • اسپورٽس باڪس
    • نيو جنريشن
    • وستي وستي
    • سکر ٽائيم
    • ميرپورخاص ٽائيم
  • هيڊلائينز
  • وڊيوز
  • آرڪائيو
    • رپورٽس
    • ڊاڪيومينٽريز

© 2020 - SINDHTVNEWS. All Rights Reserved

Live Updates COVID-19 CASES
  • Pakistan
    Confirmed 516,770
    Active 33,763
    Recovered 472,099
    Death 10,908