جي يو آءِ اڳواڻ مولانا عبدالغفور حيدري چيو آهي ته موجوده حڪومت ڪنهن به مسئلي تي سنجيدا ناهي، پي ٽي آءِ سرڪار بلوچستان سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪري رهي آهي، اميد ته جمهوري وطن پارٽي جلد سندن صفن ۾ شامل ٿي ڪندڙ ڀت کي آخري ڌڪو ڏيندي.
اسلام آباد ۾ جي يو آءِ ف اڳواڻ مولانا عبدالغفور حيدري ۽ ايم اين اي شاهزين بگٽي وچ ۾ ملاقات ٿي.
ملاقات دوران موجوده ملڪي ۽ سياسي صورتحال سميت مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون.
ذريعن موجب، ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ جلد ايندڙ ملاقات تي اتفاق ڪيو ويو.
جي يو آءِ اڳواڻ مولانا عبدالغفور حيدري چيو ته موجوده حڪومت ڪنهن به مسئلي تي سنجيدا ناهي.
سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ سرڪار بلوچستان سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪري رهي آهي.
جي يو آءِ اڳواڻ مولانا عبدالغفور حيدري چيو ته اميد ته جمهوري وطن پارٽي جلد سندن صفن ۾ شامل ٿي ڪندڙ ڀت کي آخري ڌڪو ڏيندي.
جمهوري وطن پارٽي جي اڳواڻ، ايم اين اي شاهزين بگٽي چيو ته ٻن سالن کان حڪومت آڏو پنهنجا مسئلا رهيا آهن، موجوده حڪومت بلوچستان جي مسئلن کي سنجيدا نه وٺي رهي آهي.
سندس چوڻ هو ته حالتون اهڙيون ٿي چڪيون آهن جو هو پنهنجي تڪ ۾ وڃي به نٿا سگهن.
شاهزين بگٽي چيو ته ٻن سالن کان واعدي خلافي ٿي رهي آهي، جيڪڏهن مطالبا نه مڃيا ويا ته هو جلد مخالف ڌر جي ٻين پارٽين سان گڏجي ايندڙ حڪمت عملي طئي ڪندا.