ڀارتي فوج جي ايل او سي تي سيز فائر معاهدي جي ڀڃڪڙي ۽ شهري آبادي تي چڙڏياريندڙ فائرنگ واقعن جو سلسلو جاري آهي، جتي ڀارتي فائرنگ ۾ هڪ ناري شهيد ۽ ٻه شهري زخمي ٿي پيا.
ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل بابر افتخار جاري ڪيل ٽوئيٽ بيان ۾ چيو ته ڀارتي فوج گذريل رات لائن آف ڪنٽرول جي حاجي پير ۽ بيڊوري سيڪٽرن تي بنا جواز فائرنگ ڪئي.
پاڪ فوج جي ترجمان موجب ڀارتي فوج ڄاڻي واڻي گذريل رات شهري آبادي کي نشانو بڻايو.
پاڪ فوج جي ترجمان موجب ڀارتي فوج جي فائرنگ سبب بيڊوري سيڪٽر جي ڳوٺ مينسر جي 13 ورهين جي اقرا شبير شهيد ٿي وئي ۽ سندس امڙ ۽ ڀاءُ زخمي ٿيو.
ڊي جي آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج طرفان ڀرپور جوابي ڪارروائي ڪندي ڀارتي چوڪين کي نشانو بڻايو ويو.
(Visited 5 times, 1 visits today)