پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙي چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان عوام سان گڏ پنهنجي حڪومت جو اعتماد ۽ حمايت وڃائي ويٺو آهي، گهوڙين جي ٽيڪ تي بيٺل سرڪار اقليت ۾ تبديل ٿيندي نظر اچي رهي آهي.
اهڙن خيالن جو اظهار هن لاڙڪاڻي ۾ پنهنجي رهائشگاهه تي شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 67 هين سالگرهه جو ڪيڪ ڪٽڻ جي موقعي تي ڪارڪنن سان ڳالهائيندي ڪيو.
سندس وڌيڪ چوڻ هو ته اختر مينگل طرفان وفاقي حڪومت ڌار ٿيڻ جو اعلان، پنجاب ۾ پي ٽي آءِ جي ڪيترن ئي ميمبرن جو ناراض ٿيڻ ۽ ايم ڪيو ايم جي فروغ نسيم پاران ملڪ ۾ صدارتي نظام يا مارشلا لاڳو ڪرڻ جون ڳالهيون ڪرڻ عمران خان تي بي اعتماد جو اظهار آهي.
هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جا اتحادي وفاقي حڪومت جي ٻڏندڙ ٻيڙيءَ ۾ هاڻي وڌيڪ سوار رهڻ نه چاهيندا.
پ پ اڳواڻ جو چوڻ هو ته وزيراعظم مشرفي ڊڪٽيٽراڻي سوچ جو حامي آهي ان لاءِ هو آئين، ارڙهين ترميم، اين ايف سي ۽ سنڌ جي حقن تي حملي آور ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.
نثار کهڙي چيو ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي خلاف صدارتي ريفرنس تي سپريم ڪورٽ جي فيصلي حڪومت جي بدنيتي ظاهر ڪري ڇڏي آهي.
هن چيو ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي خلاف ريفرنس ڪوڙ ۽ بدنيتي تي ٻڌل آهي ته پوءِ ريفرنس ٺاهيندڙ ۽ ريفرنس موڪليندڙن جي لاءِ ڇا ڪارروائي نه ٿيڻ گهرجي؟
سندس چوڻ هو ته اين ايف سي ۾ صوبن جو حصو 57 سيڪڙو ۽ وفاق جو حصو 43 سيڪڙو آهي ته پوءِ وفاق پاران پي ايس ڊي پي ۾ صوبن جو حصو 560 ارب ۽ وفاق جو حصو 740 ارب ڇو رکيو ويو آهي؟
هن چيو ته سنڌ پنهنجي آئيني حقن تان ڪنهن به صورت هٿ نه کڻندي.
نثار کهڙي چيو ته آئين جي آرٽيڪل 161 تحت قدرتي وسيلن تيل، گئس ۽ ڪوئلو جنهن صوبي مان نڪرندو ان تي پهريون حق ان صوبي جو هوندو پر پي ٽي آءِ جي سرڪار صوبن کي سڀني حقن کان محروم رکي صوبن کي ڪمزور ڪرڻ چاهي ٿي.
هن چيو ته وفاقي حڪومت سنڌ مان غير آئيني طور تي گئس، انفراسٽڪچر سيس ڊولپمينٽ ٽئڪس وصول ڪري رهي آهي ۽ سنڌ جڏهن وزيراعظم عمران خان کان آئيني حق ڏيڻ جي ڳالهه ڪري ٿي ته وزيراعظم کي ارڙهين ترميم ۾ صوبن جا اختيار ڊڪٽيٽراڻا لڳي رهيا آهن………………