ڪوسٽ گارڊ جي ترجمان موجب پهرين ڪارروائي ناڪه ڪهاري چيڪ پوسٽ ۽ وندر جي ڀرسان مختلف گاڏين جي تلاشي دوران چوٽيهه هزار ٽي سئو چورانوي ڪلو سوپاريون ۽ 45 مڻ فلو رائٽ پٿر هٿ ڪري سترنهن ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو.
هن چيو ته ناڪا ڪهاري چيڪ پوسٽ ويجهو ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي وئي، جنهن دوران ايڪانوي عدد ٽائر، سورنهن بيگ چئنا لوڻ قبضي ۾ ورتو، جڏهن ته جوابدار اونداهي جو فائدو وٺي فرار ٿي ويا.
سندس چوڻ هو ته ٻي ڪارروائي دوران سمنڊ ۾ هڪ ٻيڙي تي ڇاپو هنيوو يو، جنهن دوران 18هزار لٽر ايراني تيل هٿ ڪيو ويو.
ڪوسٽ گارڊ ترجمان جو چوڻ هو ته ٻيڙي کي قبضي ۾ وٺي هڪ ڄڻي کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
هن چيو ته ٽئين ڪارروائي جيواني جٽي وٽ ڪئي وئي، جنهن دوران پنجويهه پرڏيهين کي گرفتار ڪيو ويو، جن ۾ هڪ نائجيرين پڻ شامل آهي.
سندس چوڻ هو ته گرفتار ٿيل پرڏيهي غير قانوني طريقي سان پاڪستان ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا.
ترجمان جو چوڻ هو ته گرفتار پرڏيهين کي قانوني ڪارروائي کانپوءِ ايف آءِ اي حوالي ڪيو ويو آهي.