پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سنڌ ۾ هڪ پائيءَ جي به ڪرپشن برداشت نه ڪئي ويندي، واپارين جا مسئلا جلد حل ڪيا وڃن.
پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان ڄام اڪرام الله ڌاريجي ۽ سردار محمد بخش مهر ملاقات ڪري گهوٽڪي ضلعي جي سياسي صورتحال کان آگاهه ڪيو.
صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجي پ پ چيئرمين کي اينٽي ڪرپشن ۽ صنعت کاتي بابت بريفنگ پڻ ڏني.
بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته سنڌ ۾ هڪ رپئي جي به ڪرپشن برداشت نه ڪندا .
هن چيو ته سنڌ ۾ جنهن به ڪرپشن ڪئي ان خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.
بلاول ڀٽو جو چوڻ هو ته سنڌ ۾ هاڻي ڪرپشن ڪرڻ وارن جي لاءِ ڪابه جڳهه ناهي ، ڪرپشن ۾ ملوث ماڻهن کي انجام تائين پهچايو ويندو.
پ پ چيئرمين ڄام اڪرام الله ڌاريجو کي هدايت ڪئي ته هو واپارين سان ملاقات ڪري سندن مسئلا جلد کان جلد حل ڪيا وڃن.
بلاول ڀٽو جو چوڻ هو ته صنعتي زونز جي انفرااسٽرڪچر کي وڌيڪ وڌايو وڃي………….