فوجي قيادت، ڀارت طرفان دهشتگرد تنظيمن جي حمايت وائکو ڪرڻ جو عزم ورجائيندي چيو آهي ته پاڪ فوج ڪورونا وبا خلاف جنگ ۾ حڪومت جي مدد ڪندي رهندي.
آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي صدارت هيٺ ڪورڪماندرز ڪانفرنس ٿي، جنهن ۾ ملڪ جي اندروني ۽ ٻاهرين سڪيورٽي صورتحال تي غور ڪيو ويو.
اجلاس ۾ افغان امن عمل تي هاڪاري اڳڀرائي ۽ ان جي اثرن تي به اطمينان جو اظهار ڪندي اولهندي سرحد جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو.
ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس قومي ادارن ذريعي اولهندي سرحد تي صورتحال معمول تي رکڻ تي اتفا ڪيو ويو، جڏهن ته ڀارتي جارحاڻن قدمن جو به جائزو ورتو ويو.
فوجي قيادت، ملڪ ۾ تشدد جي واقعن ۾ گهٽتائي تي اطمينان جو اظهار ڪندي ڀارت ڀارت طرفان دهشتگرد تنظيمن جي حمايت، ڪشميرين تي ظلم کي وائکو