طارق عزيز ڪجهه عرصي کان بيمار هجڻ سبب لاهور جي خانگي اسپتال ۾ داخل هو، جتي اڄ هو 84 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
مشهور ڪمپيئر طارق عزيز جي پٽ والد جي وفات جي تصديق ڪئي.
طارق عزيز 28 اپريل 1936ع تي جالهندر واري علائقي جي عزيز خاندان ۾ پيدا ٿيو.
ورهاڱي کانپوءِ هو پنهنجي خاندان سان گڏ پاڪستان آيو ۽ شروعاتي تعليم ساهيوال ۾ حاصل ڪئي.
هن ريڊيو پاڪستان تان ڪيريئر جي شروعات ڪئي ۽ ريڊيو تي پهريون مرد صداڪار بڻيو.
1964ع ۾ جڏهن پاڪستان ٽيليوزن جو قيام عمل ۾ آيو ته هو پي ٽي وي جو سڀ کان پهريون انائونسر هو.
طارق عزيز کي پي ٽي وي جي پهرين ميزبان هجڻ جو اعزاز حاصل آهي، پي ٽي وي تان نشر ٿيل نيلام گهر طارق عزيز کي شهرت جي بلندين تائين پهچايو، جيڪو 1974ع ۾ پهريون ڀيرو پي ٽي وي تان ايئر ٿيو.
نيلام گهر جو نالو بعد ۾ طارق عزيز شو رکيو ويو، هن 40 ورهين تائين ان پروگرام جي ميزباني ڪئي.
طارق عزيز، وحيد مراد ۽ زيبا سان گڏ فلمي ڪيريئر جي شروعات ڪئي ۽ ڪيترين ئي فلمن ۾ پڻ جوهر ڏيکاريا، جن ۾ “انسانيت” “هار گيا انسان” ۾ شامل آهن، هن ڪيترين ئي فلمن ۾ سائيڊ رول پڻ ادا ڪيو.
طارق عزيز، اداڪار ۽ صداڪار سان گڏ شاعر به هو.
طارق عزيز کي 1992ع ۾ صدارتي ايوارڊ پرائڊ آف پرفارمنس سان به نوازيو ويو.
مشرف دور ۾ طارق عزيز مسلم ليگ ن ۾ شموليت ڪئي ۽ سپريم ڪورٽ حملي ڪيس ۾ نامزد ليگي اڳواڻن ۾ شامل هو.
طارق عزيز 1997ع کان 1999ع تائين مسلم ليگ ن جي ٽڪيٽ تان لاهور مان قومي اسيمبليءَ جو ميمبر پڻ رهيو.