سنڌ حڪومت پاران نئين مالي سال 21-2020 لاءِ ٽيڪس فري بجيٽ اڄ پيش ڪئي پئي وڃي، جنهن جو مجموعي ڪاٿو 1220 ارب تائين هئڻ جو امڪان، وڏو وزير سيد مراد علي شاهه ايندڙ مالي سال جي بجيٽ سنڌ اسيمبليءَ جي آن لائن سيشن ۾ پيش ڪندو جيڪو ملڪي تاريخ ۾ پنهنجي نوعيت جو پهريون سيشن هوندو.
سنڌ حڪومت پاران نئين مالي سال 21-2020 لاءِ ٽيڪس فري بجيٽ اڄ پيش ڪئي پئي وڃي.
نئين مالي سال جي پيش ٿيندڙ بجيٽ جو مجموعي ڪاٿو 1220 ارب تائين هئڻ جو امڪان آهي.
وڏو وزير سيد مراد علي شاهه ايندڙ مالي سال جي بجيٽ سنڌ اسيمبليءَ جي آن لائن سيشن ۾ پيش ڪندو جيڪو ملڪي تاريخ ۾ پنهنجي نوعيت جو پهريون سيشن هوندو.
ذريعن موجب، نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ هلندڙ سال جي ڀيٽ ۾ ترقياتي بجيٽ 58 ارب رپين جي گهٽتائي سان 170 ارب رپيا رکي وئي آهي جنهن ۾ ضلعي ترقياتي بجيٽ جي مد ۾ 15 ارب رپيا شامل آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته صحت کاتي جي ترقياتي بجيٽ ۾ 10 ارب رپين جو اضافو ڪيو ويو آهي ۽ تعليمي شعبن جي ترقياتي بجيٽ لاءِ 21 ارب رپيا رکيا ويا آهن.