آمريڪا ۾ وڌيڪ 425 ڄڻا فوت ٿيڻ سبب فوتين جو انگ هڪ لک 18 هزار 283 کان وڌي ويو آهي، جڏهن ته متاثرن جو انگ21 لک 82 هزار کان وڌي ويو آهي.
برازيل ۾ 729 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿيڻ سبب فوتين جو انگ وڌي 44 هزار 118 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 8 لک 91 هزار 556 کان وڌيڪ متاثر آهن.
روس ۾ وڌيڪ 143 ڄڻا فوت ٿيڻ سبب فوتين جو انگ ست هزار 91 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 5 لک 37 هزار 210 ٿي ويو آهي.
ڀارت ۾ وڌيڪ 395 ڄڻا فوت ٿيڻ سبب فوتين جو انگ 9 هزار 915 ٿي ويو آهي، 3 لک 43 هزار 26 متاثرن سان ڀارت چوٿين نمبر تي آهي.
برطانيا ۾ وڌيڪ 38 ڄڻا اجل جو شڪار ٿيڻ بعد فوتين جو انگ 41 هزار 736 ٿي ويو آهي ۽ 2 لک 96 هزار 857 متاثر آهن.
اٽليءَ ۾ وڌيڪ 26 ڄڻا حياتي وڃائي ويٺا جنهن بعد فوتين جو انگ وڌي 34 هزار 371 ٿي ويو جڏهن ته هزارين نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد متاثرن جو انگ 2 لک 37 هزار 290 ٿي ويو.
ايران ۾ وڌيڪ 113 ڄڻا فوت ٿيڻ سبب فوتين جو انگ 8 هزار 950 ٿي ويو آهي، جڏهن ته هڪ لک 89 هزار 876 کان وڌيڪ متاثر آهن.
ميڪسيڪو ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 269 ڄڻا فوت ٿيڻ جي نتيجي ۾ فوتين جو انگ 17 هزار 141 ٿي ويو آهي، جڏهن ته هڪ لک 46 هزار 837 متاثر آهن.
افغانستان ۾ وڌيڪ ست ڄڻا فوت ٿيڻ سبب فوتين جو انگ 478 ٿي ويو آهي جڏهن ته وڌيڪ 761 نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد متاثرن جو انگ وڌي 25 هزار 527 ٿي ويو آهي.
بنگلاديش ۾ به ڪورونا وائرس سبب 38 ڄڻا حياتي وڃائي ويٺا آهن جنهن کانپوءِ فوتين جو انگ هڪ هزار 209 ٿي ويو آهي.
سعودي عرب ۾ پڻ وڌيڪ 39 ڄڻا حياتي وڃائي ويٺا آهن جنهن کانپوءِ فوتين جو انگ هڪ هزار 11 ٿي ويو آهي.
بئلجيم ۾ وڌيڪ 6 ڄڻا فوت ٿيڻ سبب فوتين جو انگ 9 هزار 661 ٿي ويو آهي.
بوليويا ۾ وڌيڪ 26 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا آهن، جنهن سبب فوتين جو انگ وڌي 611 ٿي ويو آهي.
پيرو ۾ 172، انڊونيشيا ۾64، عراق ۾ 45، چلي ۾ 39، فرانس ۾ 29، ڪينيڊا 28، گوئٽي مالا ۾ 16، ترڪي ۾ 18، جرمني ۾ 15 ۽ يوڪرين ۾ وائرس سبب 12 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن.
دنيا ۾ 41 لک 89 هزار کان وڌيڪ مريض صحتياب به ٿي ويا.