سنڌ ۾ ڪورونا وائرس جي پکيڙ تي ضابطو نه اچي سگهيو آهي، وڌيڪ 15 مريض حياتي وڃائي چڪا آهن ۽ 22 سئو 87 ڪيس ظاهر ٿيا آهن.
ڪورونا وائرس جي صورتحال بابت جاري ڪيل بيان ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 11 هزار هڪ سئو 97 ٽيسٽون ڪيون ويون، جن مان 2287 ڄڻن ۾ وائرس جي تصديق ٿي.
هن ٻڌايو ته ڪورونا سبب فوتين جو انگ 831 ۽ 53 هزار 805 ماڻهو متاثر ٿيا آهن.
وڏي وزير چيو ته 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ ٻارنهن سئو 19 مريض صحتياب ٿيڻ بعد انگ 25 هزار 606 ٿي ويو.
هن چيو ته صوبي ۾ ڪورونا جي 573 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي ۽ 80 وينٽي ليٽر تي آهي.
مراد علي شاهه ٻڌايو ته هن وقت 27 هزار 368 مريض علاج هيٺ آهن، جن مان 25 هزار 483 گهرن ۾ آئسوليٽ آهن، 96 ڄڻا آئسوليشن سينٽرن ۽ 189 مريض مختلف اسپتالن ۾ علاج هيٺ آهن.
هن چيو ته اڄ صوبي ۾ 12 سئو 19 مريض صحتياب ٿيا آهن، صحتياب ٿيلن جو انگ 25 هزار 606 ٿي ويو.
وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته اڄ ظاهر ٿيل ڪيسن مان 14 سئو 99 مريض ڪراچي جا آهن.
هن چيو ته سينٽرل ضلعي ۾ 242، اوڀر ۾369، ڪورنگي ۾ 185، ملير ۾ 122، ڏکڻ ۾418 ۽ اولهه ضلعي ۾ 163 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.
سندس چوڻ هو ته حيدرآباد ۾ 44، لاڙڪاڻي ۾ 22، خيرپور ۾ 49، گهوٽڪي ۾ 39 ڪيس ظاهر ٿيا.
وڏي وزير ٻڌايو ته سجاول ۾ 69، مٽياري ۾ 38، شهيد بينظير آباد ۾ 37، سانگهڙ ۾ 20، ميرپورخاص ۾ 15، ڪشمور ۾ 14، ڄامشوري ۾ 13، دادو ۾ 7 ڪيس ظاهر ٿيا.
هن چيو ته شڪارپور ۾ وڌيڪ 7، ٺٽي، نوشهري فيروز ۾ 3-3، بدين ۾ چار ۽ قمبر شهدادڪوٽ ۾ وڌيڪ هڪ ڪيس رپورٽ ٿيو.
وڏي وزير مراد علي شاهه عوام کي اپيل ڪندي چيو ايس او پيز تي عمل ڪيو وڃي، احتياط ئي ڪورونا جو واحد حل آهي……..