سنڌ ۾ ڪورونا وائرس تي ضابطو نه اچي سگهيو آهي، نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ جو سلسلو پڻ جاري آهي.
ٽنڊي الهيار ۾ به پ پ ايم پي اي امداد پتافي جي پٽ سميت 16 ڄڻا ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿي ويا آهن.
هاري آيل ٽيسٽن ۾ ڏهن ڄڻن جو واسطو پتافي فيملي سان آهن، جڏهن ته هڪ اي جو ڊرائيور ۽ پنج شهري شامل آهن.
سورنهن ڪيس ظاهر ٿيڻ کانوءِ متاثر مريضن جو انگ پنج ٽيهه تائين پهچي ويو آهي.
نوشهري فيروز ۾ به ڪورونا 18 ڪيس ظاهر ٿيڻ کانپوءِ 118 تائين پهچي ويو آهي.
متاثر مريضن ۾ چئن جو واسطو موري، اٺن جو نوشهري فيروز، چئن جو ڪنڊياري، ٻن جو ڀريا سان آهي.
خيرپور ۾ ٽن ڊاڪٽرن سميت 8 ڄڻا ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي ويا آهن.
نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد ضلعي ۾ مريضن جو انگ 282 تائين پهچي ويو آهي.
ڊاڪٽرن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق بعد انتظاميا اسپتال کي بند ڪري ڇڏيو آهي.
ڪوٽڏيجي تعلقي اسپتال جو هڪ ڊاڪٽر به ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿي ويوآهي.
ڪنڌڪوٽ ۾ پڻ 60 مريضن جي رپورٽ هاڪاري آئي آهي.
هڪ سئو ٽياسي ڄڻن جا ڪورونا ٽيسٽ لاءِ نمونا ورتا ويا هئا، جن مان 60 ڄڻن جي رپورٽ پازيٽو ائي.
سٺ ڪيس ظاهر ٿيڻ کانپوءِ متاثر جو انگ 211 ٿي ويو آهي.
مديجي ۾ وڌيڪ هڪ ڄڻي کي ڪورونا هجڻ جي تصديق ٿي وئي آهي، جنهن بعد متاثرن جو انگ ڏهه ٿي ويو آهي.