سنڌ ۾ ماڪڙ تي ضابطو نه اچي سگهيو آهي، مختلف شهرين ۾ ماڪڙ جا فصلن تي حملا جاري آهن.
ٽنڊي ڄام جي ڀرپاسي ۾ ماڪڙ فصل کائي ناس ڪري ڇڏيا آهن.
اڏيري لال جي ويجهڙائي وارن علائقن فاضلاڻي موري، جمع بلوچ، ڀائو خان پٺاڻ، پارسي فارم۽ طاهر هڱورو ماڪڙ فصل کائي چٽ ڪري ڇڏيا آهن.
ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي آبادگارن جو چوڻ هو ته ماڪڙ جي حملي سبب سندن فصل تباهه ٿي رهيا آهن.
هنن جو چوڻ هو ته ماڪڙ سبب کين لکين رپين جو نقصان ٿيو آهي.
سندن چوڻ هو ته ڪيترائي ڀيرا احتجاج ڪيو پر حڪومت ماڪڙ کي روڪڻ لاءِ قدم نه پئي ڪري.
هنن چيو ته ماڪڙ جي حملي سبب هو معاشي بدحال جو شڪار ٿي رهيا آهن.
آبادگارن مطالبو ڪيو ته اسپري ڪرائي سندن فصلن کي تباهه ٿيڻ کان بچايو وڃي…………….
(Visited 12 times, 1 visits today)