سنڌ اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ صلاحڪارن جي مقرري، اختيارن، ڪم، پگهار ۽ استحقاق بابت ترميمي بل اتفاق راءِ سان منظور ڪيو ويو، اسيمبلي ميمبرن کي آن لائن اجلاسن ۾ ڪمپيوٽر، ليپ ٽاپ يا موبائيل فون ذريعي شرڪت جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.
سنڌ اسيمبليءَ جو اجلاس اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو.
اجلاس دوران يوسف رضا گيلاني، خرم شيرزمان، خواجا اظهار ۽ اجلاس دوران ڪورونا ۾ مبتلا طبي عملي جي صحتيابي لاءِ به دعا گهري وئي.
اجلاس دوران سنڌ اسيمبليءَ ۾ صلاحڪارن جي مقرري ۽ اختيارن بابت ترميمي بل منظور ڪيو ويو.
سنڌ اسيمبليءَ ۾ قاعدن ۽ ضابطن ۾ ترميم واري رٿ منظور ڪئي وئي.
رٿ تحت ميمبر ڪمپيوٽر، ليپ ٽاپ ۽ موبائل تان وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪري سگهندا.
وڏي وزير جو چوڻ هو ته هو ميمبرن جي صحت جو خيال رکڻ چاهن ٿا، هاڻي ته وزيراعظم به چوي ٿو ته رش گهٽ ڪئي وڃي.
اجلاس دوران مخالف ڌر ڪورونا معاملي تي پارلياماني ڪميٽي جوڙڻ جو مطالبو ڪيو.
فردوس شميم جو چوڻ هو ته هو ڪورونا وائرس جو صورتحال ۾ سهڪار ڪرڻ لاءِ تيار آهن.
وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته هو مخالف ڌر سان گڏ آهن، قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ 25 سيڪڙو ميمبرن کي گهرايو ويو، وزيراعظم به چوي ٿو ته پيهه نه ڪئي وڃي.
سيد مراد علي شاهه چيو ته مخالف ڌر سندس ڳالهه ئي مڃي، جيڪڏهن مخالف ڌر کي اعتراض آهي ته هو ايوان ۾ وڌيڪ ڪرسيون رکڻ لاءِ تيار آهن.
اجلاس دوران ناليواري صحافي پروفيسر وارث مير کي ڀيٽا جو ٺهراءُ به منظور ڪيو ويو.