وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پنجاب ۾ مڪمل لاڪ ڊائون نه ڪيو ويندو، ان سان معيشت تباهه ٿي ويندي، هاڻي ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ لاءِ سختي ڪئي ويندي، عوام احتياطي اپائن تي عمل نه ڪيو ته وڏو نقصان ٿيندو.
وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ لاهور ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ صحت واري صوبائي وزير ياسيمن راشد ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
اجلاس دوران صوبي ۾ ڪورونا وائرس جي صورتحال جو جائزو وٺندي فيصلو ڪيو ويو ته پنجاب ۾ مڪمل لاڪ ڊائون نه ڪيو ويندو.
اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته لاهور ۾ ڪورونا تيزي سان پکڙجي رهيو آهي، افسوس عوام احتياط نه پيو ڪري، ايس او پيز تي عمل نه ڪيو ويو ته وڏو نقصان ٿيندو.
هن چيو ته تاثر ڏنو ويو ته لاهو ۾ ٻيهر لاڪ ڊائون ڪيو پيو وڃي، لاڪ ڊائون جو مطلب معيشيت کي بند ڪرڻ هوندو، ملڪ بند ٿيندو ته معيشيت تباهه ٿي ويندي.
وزيراعظم چيو ته سمارٽ لاڪ ڊائون ذريعي ڪورونا تي ضابطو ۽ معيشيت بچائڻ آهي.
وزيراعظم چيو ته هنن ڪاروبارو شروع ڪرڻ جو موقعو ڏنو، عمر احتياط ڪري، ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
عمران خان چيو ته هاڻي به ڪورونا کي روڪي سگهجي ٿو، اين ڊي ايم اي جولاءِ تائين وڌيڪ بسترا فراهم ڪندي.
وزيراعظم چيو ته هو هاڻي ٻين صوبن جا دورا ڪري صورتحال کي پاڻ مانيٽر ڪندو، ڪورونا وائرس جي پکيڙ وائرس سان 50 سيڪڙو گهٽ ٿيندي آهي، وبا سان گڏ رهڻ لاءِ ايس او پيز تي عمل ضروري آهي.
ان موقعي تي پنجاب جي صحت واري وزير ياسيمن راشد چيو ته ڊريپ آمريڪا کي به ايڪٽيمر انجيڪشن گهرائڻ جي اجازت ڏني آهي پر اها هر مريض کي نه ٿي لڳي سگهي، عوام کي احتياط ڪرڻو پوندو.
هن چيو ته پنجاب ۾ 193 مريض وينٽيليٽر تي آهن، ڪورونا مريضن لاءِ 10 هزار بيڊ موجود آهن………