وفاقي وزير مراد سعيد چيو آهي ته اسٽيل ملز کي خانگائڻ وارو فيصلو ن ليگ جي درو ۾ ٿيو، گذريل حڪومتن سبب ادارا خساري ۾ ويا، 2013 ۾ 41 ادارن کي خانگائڻ جون ڳالهيون ڪيون ويون.
قومي اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي وفاقي وزير مراد سعيد چيو ته پاڪستان پوسٽ جو خسارو 62 ارب تائين هو، هنن 70 سيڪڙو روينيو وڌايو.
هن چيو ته سندن سياست، سوچ ۽ نظريو الڳ ٿي سگهي ٿو پر ادارن جي ڳالهه اچي ته هڪ ٿي وڃڻ گهرجي، پاڪستان ۾ جهڙي طريقي سان ٺاهه ٿيا ڪنهن کي به خبر ناهي.
مراد سعيد جو چوڻ هو ته عمران خان ۽ قوم قرض جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل ملڪ ۾ ڪورونا جو مقابلي ڪري رهيا آهن.
سندس چوڻ هو ته اسپتالن کي ايمرجنسي جي بيناد تي ڪٽون فراهم ڪيون ويون، حڪومت پاران موجوده صورتحال ۾ ساڍا 12 ارب رپين جو رليف پيڪيج ڏنو ويو.
هن جو چوڻ هو ته مخالف ڌر پرڏيهه مان ايندڙ پاڪستان لاءِ چيو ته مريض اچي رهيا آهن، اهي مريض نه پر سندن پاڪستاني آهن.
مراد سعيد جو چوڻ هو ته مخالف ڌر پاران پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين لاءِ ڏنل بيان جي مذمت ڪن ٿا، هڪ اڳوڻي وزراعظم چيو ته اجلاس گهرايو ڪجهه ٿيو ته ذميوار هو هوندو، اڄ هو پاڻ ڪورونا ۾ مبتلا آهي.
سندس چوڻ هو ته اسٽيل ملز کي خانگائڻ وارو فيصلو ن ليگ جي درو ۾ ٿيو، گذريل حڪومت سبب ادارا خساري جو شڪار ٿيا، 2013 ۾ 41 ادارن کي خانگائڻ جون ڳالهيون ڪيون ويون…………………..