سنڌ ۾ ڪورونا وائرس جي پکيڙ ٻنجو نه اچڻ ڪري ڪيس تيزي سان ظاهر ٿيڻ جو سلسلو جاري آهي.
ميرپورخاص ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 9 ڪيس ظاهر ٿيا آهن.
ڊي ايڇ او جو چوڻ آهي ته نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد مريضن جو انگ 143 ٿي ويو آهي.
ڊي ايڇ او موجب ٽيسٽ پازيٽو اچڻ بعد مريضن کي آئسوليٽ ڪيو ويو آهي.
نوابشاهه ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 35 ڪيس ظاهر ٿيا آهن، جنهن بعد ضلعي اندر مريضن جو انگ 265 ٿي ويو آهي.
انتظاميا جو چوڻ آهي ته مريضن کي گهرن اندر آئسوليٽ ڪيو ويو آهي.
انتظاميا موجب نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد مريضن جو انگ 265 تائين پهچي ويو آهي…
خانپور مهر ۾ وڌيڪ ڇهه ڪورونا جا ڪيس ظاهر ٿيڻ کانپوءِ متاثر مريضن جو انگ 60 ٿي ويو آهي.
سيوهڻ جي سيد عبدالله شاهه انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائسنس اسپتال جي 14 ڊاڪٽرن، 11 نرسن ، ننڍن وڏن ملازمن سميت 70 ڄڻڻ کي ڪورونا وائرس هجڻجي تصديق ٿي وئي آهي.
صحت کاتي جي عملدار موجب متاثر مريضن مان ڪجهه کي آئسوليشن سينٽر ۽ ڪجهه کي گهرن ۾ ئي آئسوليٽ ڪيو ويو آهي.
سجاول ويجهو ڳوٺ ڄار جي اٺن ڄڻن جي ڪورونا رپورٽ هاڪاري اچي وئي آهي.
سيتا روڊ ۾ 13 ڄڻن کي ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي وئي آهي.
انتظاميا جو چوڻ آهي ته 25 ڄڻن جون ٽيسٽون ڪيون ويون، جن مان 13 کي ڪورونا جي تصديق ٿي آهي.
انتظاميا موجب ٽيسٽ پازيٽو اچڻ بعد مريضن کي گهرن اندر آئسوليٽ ڪيو ويو آهي..
خير محمد آريجا واسي کي ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي وئي آهي، جنهن کي سندس ئي گهر ۾ آئسوليٽ ڪيو ويوآهي..
هوڏانهن ميهڙ و اسي واپاري ڪورونا سبب لاڙڪاڻي جي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو.
مرحوم جي مڙهه کي ڳوٺ لونگ مهيسر جي لڳ قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو….