سنڌ ۾ ڪورونا وائرس تي ضابطو نه اچي سگهيو آهي، 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 29 مريض فوت ٿي ويا ۽ 14 سئو 47 ڪيس ظاهر ٿيا آهن، صوبي ۾ وائرس سبب فوتين جو انگ 679 ٿي ويو، جڏهن ته 39 هزار 555 متاثر آهن.
ڪورونا وائرس جي صورتحال بابت بيان جاري ڪندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته 24 ڪلاڪن دوران 8 هزار 513 ٽيسٽون ڪيون ويون، جن مان 14 سئو 47 ماڻهن کي وائرس جي تصديق ٿي.
هن چيو ته ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 29 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا، جنهن بعد صوبي ۾ فوتين جو انگ 679 ٿي ويو آهي.
وڏي وزير چيو ته صوبي ۾ هيل تائين 2 لک 39 هزار 522 ٽيسٽون ڪيون ويون آهن، جن مان 39 هزار 555 ڪيس ظاهر ٿيا آهن.
سيد مراد علي شاهه چيو ته صوبي ۾ 435 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، جن مان 83 وينٽيليٽر تي آهن.
هن چيو ته 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 468 مريض صحتياب ٿي ويا، جنهن بعد صوبي ۾ وائرس کي شڪست ڏيندڙن جو انگ 19 هزار 137 ٿي ويو آهي.
سيد مراد علي شاهه چيو ته صوبي ۾ 19 هزار 739 مريض علاج هيٺ آهن، جن مان 18 هزار 263 گهرن ۾ آئسوليٽ، 60 مريض آئسوليشن سينٽرن ۽ 14 سئو 16 مختلف اسپتالن ۾ علاج هيٺ آهن.
وڏي وزير چيو ته 14 سئو 47 ڪيسن مان 963 ڪراچي ۾ رپورٽ ٿيا، جن ۾ اوڀر ضلعي ۾ 284، سينٽرل ۾ 237، ڏکڻ ضلعي ۾ 214، ملير ۾ 130، ڪورنگي ۾ 63 ۽ اولهه ۾ 35 ڪيس ظاهر ٿيا.
سيد مراد علي شاهه چيو ته حيدرآباد ۾ 54، شهيد بينظير آباد ۾ 39، لاڙڪاڻي ۽ سانگهڙ ۾ 36-36، گهوٽڪي ۾ 34، خيرپور ۾ 33، ڄامشوري ۾ 17، دادو ۾ 14، بدين ۾ 13، ڪشمور ۾ 11، ميرپورخاص ۾ 9، سکر ۾ 8، مٽياري ۽ نوشهريفيروز ۾ 2-2 ڪيس سامهون آيا آهن……………