کنڊ بحران جي ذميوارن خلاف ڪارروائي لاءِ وزيراعظم عمران خان اڄ اعليٰ سطحي اجلاس طلب ڪري ورتو آهي.ذريعن موجب اجلاس ۾ بحران جي ذميوارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويندو ، جڏهن ته احتساب بابت خاص مددگار شهزاد اڪبر کند بحران جي ذميوارن خلاف ڪارروائي جي لاءِ سفارشون پيش ڪندو.کنڊ جاچ ڪميشن جي رپورٽ ۾ جن ماڻهن کي بحران جو ذميوار قرار ڏنو ويو آهي انهن خلاف فوجداري ڪيس نيب ۽ ايف آءِ اي کي اماڻڻ جو امڪان آهي. ڪيس نيب ۽ ايف آءِ اي کي اماڻڻ بابت قطعي فيصلو اڄوڪي ٿيندڙ اعليٰ سطحي اجلاس ۾ ڪيو ويندو. هڪ مهينو اڳ حڪومت پاران کنڊ بحران تي ايف آءِ اي جي جاچ ڪميشن جي رپورٽ عام ڪرڻ سان گڏ ان رپورٽ جي فرانزڪ آڊٽ پڻ ڪرائي وئي هئي.
(Visited 4 times, 1 visits today)