يورپ جهاز ٺاهيندڙ ڪمپني ايئر بس چيو آهي ته ڪراچيءَ ۾ حادثي جو شڪار ٿيل پي آءِ اي جهاز جي فلائيٽ ڊيٽا رڪارڊر ۽ ڪاڪ پٽ وائس رڪارڊر جي جاچ مان اهم ڄاڻ حاصل ڪئي وئي آهي. حادثي جي جاچ ۾ پي آءِ اي ۽ سول ايوي ايشن اٿارٽي سميت اي 320 جهاز ٺاهيندڙ يورپي ڪمپني ايئر بس جا ماهر به حصو وٺي رهيا آهن. ايئر بس جي چيف پروڊڪٽ سيفٽي آفيسر يانڪ مالينج پاران پي آءِ اي سميت اي 320 استعمال ڪندڙ سمورن ايئر لائنز کي خط لکيو ويو آهي جنهن ۾ جهاز حادثي جي جاچ کان آگاهه ڪيو ويو آهي. خط ۾ چيو ويو آهي ته پي آءِ اي جي جهاز حادثي جي جاچ جاري آهي ۽ جاچ ۾ پاڪستاني ايئر ڪرافٽ ايڪسيڊنٽ انويسٽيگيشن بورڊ جا نمائندا به شامل آهن، هو جاچ ٽيم سان مڪمل سهڪار ڪري رهيا آهن. ايئر بس موجب تباهه ٿيل جهاز جي فلائيٽ ڊيٽا رڪارڊر ۽ ڪاڪ پٽ وائس رڪارڊ جو تجزيو ڪيو ويو ۽ ٻڌو ويو آهي، جيڪا جاچ لاءِ اهم ڄاڻ هوندي آهي.خط جي متن موجب ايئر بس وٽ ان مرحلي ۾ آپريٽرن لاءِ ڪي خاص حفاظتي سفارشون نه آهن.