ملڪ ۾ ڪورونا سبب چويهه ڪلاڪن دوران ستانوي ڄڻا فوت ٿيڻ بعد انگ اڻويهه سئو پنجٽيهه تائين پهچي ويو آهي.
نيشنل ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول آپريشن سينٽر جي ترجمان موجب ڪورونا جا وڌيڪ چار هزار ست سئو چوٽيهه ڪيس ظاهر ٿيڻ کانپوءِ متاثر مريضن جو انگ ٽيانوي هزار نون سئو ستٽيهه ٿي ويو آهي.
ترجمان جو چوڻ هو ته سنڌ ۾ چوٽيهه هزار اٺ سئو 89، پنجاب ۾ پنج ٽيهه هزار ٽي سئو اٺ ڪورونا جا مريض آهن.
هن چيو ته بلوچستان ۾ پنج هزار ست سئو ڇاهتر ۽ خيبرپختونخواهه ۾ ٻارنهن هزار چار سئو اڻهٺ ڄڻن کي ڪورونا جي تصديق ٿي آهي.
سندس چوڻ هو ته اسلام آباد ۾ ٽي هزار نون سئو ڇائيتاليهه، گلگت بلتسان ۾ اٺ سئو ٻانونجاهه ۽ آزاد ڪشمير ۾ ٻه سئو نوانوي ڪورونا جا مريض آهن.
نيشنل ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول آپريشن سينٽر موجب ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جون 22 هزار هڪ سئو 85 ٽيسٽون ڪيون ويون، جڏهن ته ڪورونا ۾ مبتلا 32 هزار 5 سئو 81 ڄڻا صحتياب ٿي چڪا آهن……