ريلوي واري وزير شيخ رشيد چيو آهي ته کنڊ بحران جا ذميوار سزا کان بچي نه سگهندا، چيو هو عيد کانپوءِ ٽارزن جي واپسي ٿيندي، شهباز شريف پچ جي ٻنهي پاسي کيڏڻ جو عادي آهي.
راولپنڊي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته شهباز شريف پنهنجي گهر ۾ ئي لڪي ويو آهي، مخالف ڌر ۾ ڪا طاقت ناهي، رڳو ميڊيا تي نظر اچي پئي.
سندس چوڻ هو ته شهبازشريف نالائق، نااهل، بزدل آهي، کيس جيل وڃڻو پوندو.
شيخ رشيد چيو ته شهبازشريف مفاهمتي ڪردار ادا ڪرڻ چاهي ٿو پر عمران خان دلچسپي نه ٿو رکي.
هن چيو ته نوازشريف جي رپورٽرن تي ڪجهه ريگ مال ڦيريو ويو آهي، تصوير کي ڇڏيو نوازشريف کان پڇو مٿس ڇا گذري رهي آهي، حقيقت ۾ سندس رنگ پسٽڻ خراب ٿي چڪا آهن، اڻجڻ دونهون پئي ڏي.
ريلوي واري وزير چيو ته ٻاهر زندگي گذارڻ ڏکيو ڪم آهي، هونئن به تصوير ۾ رڳو واڪ ۽ چانهه نظر ايندي آهي.
هن چيو ته مخالف ڌر رڳو ميڊيا ميڊيا کيڏي رهي آهي، ملڪ ۾ اپوزيشن جو ڪو به ڪردار ناهي.
شيخ رشيد چيو ته تيل سستو ٿي ويو پر ذخيرو ڪندڙن مسئلو پيدا ڪيو، پئٽرول وري مهانگو ٿيندو، ان ڪري ذخيرو ڪندڙ انتظار ڪري رهيا آهن.