ن ليگ اڳواڻ عظميٰ بخاري چيو آهي ته شيخ رشيد ٻين کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ کان اڳ پنهنجي جيءَ ۾ جهاتي پائي، اٽي جو معاملو کنڊ اسڪينڊل کان وڏو آهي، عمران خان جي نااهليءَ جي سزا سڄو ملڪ ڀوڳي رهيو آهي.
لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عظميٰ بخاري چيو ته شيخ رشيد لال حويلي جي ڪهاڻي ضرور ياد ڪندو ڪري، فياض الحسن چوهاڻ ۽ شيخ رشيد هڪ ٻئي تي الزام مڙهيندا آهن.
هن چيو ته شهباز گل ڪهڙي حيثيت ۾ پنجاب هائوس ۾ رهي ٿو، شريف خاندان جو حڪومتي الزامن سان ڪو به تعلق ناهي، سندن سياست ختم ٿي چڪي آهي ته بار بار ذڪر ڇو ڪيو ٿو وڃي؟
عظميٰ بخاري چيو ته حڪومت عوام ۽ ڪورونا وائرس جي وچ ۾ اچڻ ئي نٿي چاهي، وزيراعظم کي ڪورونا ۽ جهاز حادثي جي شهيدن سان ڪا به همدردي ناهي، افسوس کيس رڳو چندي جي ڳڻتي آهي.
ن ليگ اڳواڻ چيو ته جهانگير ترين پٽ سان گڏ لنڊن وڃي چڪو آهي، عمران خان جڏهن کان آيو آهي، ملڪ ۾ هر طرف مسئلا آهن………….