آمريڪي عورت، پ پ قيادت خلاف سرگرم ٿي وئي، سنٿيارچي پاران رحمان ملڪ تي زيادتي ۽ يوسف رضا گيلاني تي حرڪت ڪرڻ جا الزام هنيا آهن، اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلانيءَ آمريڪي عورت جا الزام رد ڪري ڇڏيا آهن.
آمريڪي عورت سنٿيارچي ڪجهه ڏينهن کان سوشل ميڊيا تي پ پ قيادت خلاف سرگرم آهي.
هڪ وڊيو بيان ۾ آمريڪي عورت اڳوڻي گهرو وزير رحمان ملڪ تي جنسي زيادتي جو الزام مڙهيو آهي.
سندس چوڻ هو ته رحمان ملڪ 2011 ۾ کيس ان وقت زيادتي جو نشانو بڻايو، جڏهن ته پاڪستان ۾ پ پ جي حڪومت هئي ۽ رحمان ملڪ گهرو وزير هو.
سنٿارچي اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني ۽ اڳواڻي صحت واري وزير مخدوم شهاب الدين تي به هٿ چراند جوبه الزام لڳايو.
آمريڪي عورت چيو ته يوسف رضا گيلاني ساڻس تڏهن حرڪت ڪئي جڏهن هو ايوان ۾ صدر ۾ موجود هو.
اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلانيءَ آمريڪي عورت جا الزام رد ڪندي چيو ته عورت شهيد راڻي بينظير ڀٽو تي به غلط الزام لڳايا آهن، ڪو به شهيد راڻيءَ تي الزام برداشت نه ٿو ڪري سگهي.
هن چيو ته علي حيدر ۽ علي قاسم گيلانيءَ معاملي تي عدالت سان رابطو ڪيو آهي، وزيراعظم جي عهدي جو ماڻهو ايوان صدر ۾ اهڙي حرڪت ڪيئن ٿو ڪري سگهي.
يوسف رضا گيلاني چيو ته الزام هڻندڙ عورت ايوان صدر ۾ ڇا پئي ڪري؟ کيس سياستدانن تي الزام مڙهڻ جو حق ڪنهن ڏنو؟