وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪورونا وائرس کي پکڙجڻ کان روڪي نٿو سگهجي، اڳتي وڌيڪ ڏکيون حالتون اچڻيون آهن پر ملڪ وڏيڪ لاڪ ڊائون برداشت نه ٿو ڪري سگهي، احتياطي اپائن تي عمل ڪري ان کان بچي سگهجي ٿو.
ٽائيگر فورس کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته ڪورونا وائرس جو مقابلو ڪرڻ لاءِ رضاڪارن جون خدمتون وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
هن چيو ته هيل تائين 10 لک ڪورونا ٽائيگرز رجسٽرڊ ٿي چڪا آهن، جيڪي وبا بابت ماڻهن کي شعور پيدا ڪندا.
عمران خان چيو ته ڪورونا وائرس اڃا وڌيڪ پکڙجندو، ٿي سگهي ٿو ته ايندڙ ڏينهن ۾ وڌيڪ متاثر علائقن کي بند ڪرڻو پوي.
وزيراعظم چيو ته هاڻي به ماڻهو ايس او پيز تي عمل ڪن ته هو ڏکئي وقت کان بچي سگهن ٿا، ڏکڻ آمريڪا ۾ 24 ڪلاڪن دوران هڪ هزار کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿيا، آمريڪا ۾ 2 هزار ماڻهن هڪ ڏينهن ۾ حياتي وڃائي، پاڪستان ۾ اهڙيون حالتون ناهن، احتياط سان بچي سگهجي ٿو.
هن چيو ته ڪورونا وائرس سبب غريب ملڪن ۾ لاڪ ڊائون تباهي مچائي ڇڏي، امير ملڪن ۾ ڪاروبار تباهه ٿي رهيو آهي.
عمران خان چيو ته آمريڪا جهڙي امير ملڪ ۾ به کاڌ خوراڪ جي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي، اتي عوام کي لائن ۾ بيهي کاڌو فراهم ڪيو پيو وڃي.
وزيراعظم چيو ته کين خبر هئي ته لاڪ ڊائون سبب غربت ۾ اضافو ٿيندو، هاڻي دنيا به سمارٽ لاڪ ڊائون طرف وڌي رهي آهي.
سندس چوڻ هو ته وائرس سبب روينيو ۾ 800 ارب رپيا گهٽ ٿيا آهن، گذريل سال گڏ ڪيل ٽيڪس جو اڌ حصو وياج جي ادائگي ۾ هليو ويو، رليف پيڪيج جو اعلان نه ڪيو وڃي ها ته ملڪ ۾ حالتون خراب ٿي وڃن ها.
عمران خان چيو ته اڳتي وڌيڪ چئلينج اچڻا آهن، پر ملڪ وڌيڪ لاڪ ڊائون برداشت نه ٿو ڪري سگهي، کين بجيٽ ۾ وڏي چئلينج کي منهن ڏيڻو پوندو.
وزيراعظم چيو ته بند علائقن ۾ کاڌو پهچائڻ لاءِ ٽائيگر فورس جي ضرورت پوندي، اها فورس ماڪڙ متاثر علائقن ۾ به مدد ڪندي…………….