ملڪ ۾ چويهه ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 82 ڄڻن جي فوت ٿيڻ بعد انگ هڪ هزار ست سئو ستر ٿي ويو آهي.
نيشنل ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول آپريشن سينٽر موجب ملڪ ۾ چار هزار ڇهه سئو 88 نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ کانپوءِ متاثر مريضن جو انگ 85 هزار ٻه سئو چوهٺ تائين پهچي ويو آهي.
نيشنل ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول آپريشن سينٽر جي ترجمان موجب سنڌ 32 هزار نون سئو ڏهه، پنجاب ۾ 31 هزار هڪ سئو چار ٿي ويو آهي.
هن چيو ته خيبربختونخواهه ۾ يارنهن هزار ٽي سئو ٽيهتر، بلوچستان ۾ پنج هزار ٻه سئو چويهه ڪيس ظاهر ٿيا آهن.
سندس چوڻ هو ته اسلام آباد ۾ ٽي هزار پنج سئو چوئيتاليهه ۽ گلگت بلتستان ۾ اٺ سئو چويهه ڪورونا جي مريضن جي تصديق ٿي آهي.
ترجمان موجب آزاد ڪشمير ۾ ڪورونا جي مريصن جو انگ 285 تائين پهچي ويو آهي.
نيشنل ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول آپريشن جو چوڻ آهي ته نون سئو هڪ مريصن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، جڏهن ته ٽيهه هزار هڪ سئو اٺاويهه ڄڻا صحتياب ٿي چڪا آهن…..