پي آءِ اي جي پنجين خاص اڏام پاڪستاني مسافرن کي کڻي نيوجرسي کان اسلام آباد پهچي رهي آهي.
حڪومت عيد کان اڳ آمريڪا ۾ ڪورونا وائرس سبب ڦاٿل پاڪستاني شهرين جي ڏيهه واپسيءَ لاءِ خاص چارٽرڊ اڏامن جو سلسلو شروع ڪيو هو.
آمريڪا ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۽ چئني قونصل خانن آمريڪا ۾ ڦاٿل پاڪستاني جي حفاظت سان ڏيهه واپسي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا آهن.
آمريڪا ۾ ڦاٿل سمورن پاڪستانين کي سفارتخاني يا لاڳاپيل قونصل خاني سان رجسٽرڊ ڪيو ويو آهي.
قونصل جنرل عائشه علي نيويار ايئرپورٽ، نيو جرسي کان مسافرن کي رخصت ڪيو.
عائشه علي هوائي اڏي تي مسافرن جي ڏيهه واپسيءَ لاءِ ڪيل قدمن جو به جائزو ورتو.
قونصل جنرل عائشه علي جو چوڻ آهي ته پرڏيهه ۾ ڦاٿل پاڪستانين جي حفاظت سان واپسي حڪومت ۽ واشنگٽن ڊي سي جي سفارتخاني جي پهرين ترجيح آهي.
هن چيو ته وطن واپس وڃڻ جا خواهشمند پاڪستاني ايندڙ اڏامن جي ڄاڻ بابت هيلپ لائنز سان رابطو ڪن…………..