احتساب بابت وزيراعظم جي خاص مددگار شهزاد اڪبر، سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سوالن جا جواب ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.
سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ شهزاد اڪبر عدالت پهتو.
ان موقعي تي ڳالهائيندي احتساب بابت وزيراعظم جي خاص مددگار جو چوڻ هو ته قاضي فائز عيسيٰ ڪيس ۾ جوابدار آهي، جوابدار ڪنهن ٻئي کان سوال ڪيئن ٿو ڪري سگهي.
هن چيو ته ڪٽهڙي ۾ بيٺل جوابدار کي جواب ناهي ڏنو ويندو.
شهزاد اڪبر چيو ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کانئس سوال ڪيا آهن، عدالت انهن سوالن بابت کانئس پچيو ته هو عدالت کي جواب ڏيندو.
سندس چوڻ هو ته هو جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کي سوالن جا جواب نه ڏيندو………
(Visited 18 times, 1 visits today)