اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، پ پ سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙي ۽ ٻين صوبائي وزير مرتضيٰ بلوچ جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي. اڳوڻي صدر آصف زرداريءَ طرفان مرتضيٰ بلوچ جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته شهيد مرتضيٰ بلوچ ڪورونا خلاف ويڙهه ۾ فرنٽ لائن جو سپاهي هو. هن چيو ته لاڪ ڊائون دوران مرتضيٰ بلوچ جان جي پرواهه کانسواءِ غريبن ۾ راشن ورهائيندو رهيو، پارٽي هڪ نظرياتي ۽ ثابت قدم اڳواڻ کان محروم ٿي وئي، سندس خدمتون هميشه ياد رکيون وينديون. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري مرتضيٰ بلوچ جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته مرتضيٰ بلوچ جي ڪورونا سبب وڇوڙي تي سخت صدمو ٿيو آهي، مرتضيٰ بلوچ لاڪ ڊائون ۾ عوامي خدمت جاري رکي. هن چيو ته مرتضيٰ بلوچ هر دور ۾ پ پ سان گڏ بيٺل رهيو.وڏي وزير طرفان صوبائي وزير مرتضيٰ بلوچ جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪيو ويو. تعزيتي بيان ۾ وڏي وزير چيو ته مرتضيٰ بلوچ ڪورونا سبب فوت ٿي ويو، مرتضيٰ بلوچ هڪ محنتي ۽ بهادر پارٽي اڳواڻ هو. هن چيو ته مرتضيٰ بلوچ جي کوٽ پوري ڪرڻ ڏکي آهي. پ پ ليڊيز ونگ جي صدر فريال ٽالپر مرتضيٰ وهاب جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي. جاري ڪيل بيان ۾ فريال ٽالپر چيوته مرتضيٰ بلوچ جو لاڏاڻو پارٽي ۽ ملير جي عوام لاءِ وڏو نقصان آهي، هو پارٽي قيادت، ڪارڪنن ۽ عوام جي دلين ۾ سدائين زنده رهندو. پ پ سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙي ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته مرتضيٰ بلوچ عوام جو درد رکندڙ اڳواڻ هو، سندس لاڏاڻي تي دلي صدمو رسيو آهي. گورنر عمران اسماعيل، چيف سيڪريٽري طرفان مرتضيٰ بلوچ جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار صوبائي وزير سعيد غني، سردار شاهه، راشد رباني، عاجز ڌامراهه، سردار رحيم ۽ ٻين طرفان به مرتضيٰ جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪيو. ايم اين ايز محمد بخش مهر، رفيق جمالي، لال چند اڪراڻي، شاهنواز جدون، خرم شير زمان، مرتضيٰ وهاب ۽ ٻين طرفان ڏک جو اظهار ڪيو ويو. ايم اين اي محمد بخش مهر طرفان مرتضيٰ بلوچ جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته مرتضيٰ بلوچ اصول پسند سياستدان هو، سندس عوامي خدمت کي ڪڏهن به نه وساري سگهبو. مير بنگل خان مهر طرفان مرتضيٰ بلوچ جي اوچتي وڇوڙي تي ڏک جو اظهار ڪيو.