ڊاڪٽر ظفر مرزا جو چوڻ آهي ته ڪورونا وائرس سبب فوت ٿيل ماڻهن جي لاش مان بيماري پکڙجڻ جون ڪي به شاهديون نه مليون آهن.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وزيراعظم جي صحت بابت خاص مددگار ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو ته ڪورونا وائرس سبب فوتين جي تدفين جي هدايت نامي ۾ تبديليون ڪيون ويون آهن.
هن چيو ته لاش مان زنده انسانن ۾ ڪورونا وائرس پکڙجڻ جون ڪي به شاهديون نه مليون آهن.
سندس چوڻ هو ته مڙهه کي هينڊل ڪرڻ ۾ ذاتي تحفظ جو خيال رکڻ گهرجي، تدفين وقت ماسڪ، گائون ۽ گلوز پهرڻ سان گڏ لاش کان وڌيڪ ڇهڻ کان پاسو ڪيو وڃي.
ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو ته ميت کي ڪفن ڏيڻ تي ڪا به پابندي ناهي، مڙهه کي قبرستان منتقل ڪرڻ دوران احتياط ڪيو وڃي.
هن چيو ته جيڪي ماڻهو قبر ۾ لاش لاهين اهي ماسڪ ۽ حفاظتي ڪٽس لازمي پهرن.
سندس چوڻ هو ته جنازي نماز پڙهڻ دوران سماجي وٿي جو خيال رکيو وڃي، مختصر جنازو رکيو وڃي، گهر جي ويجهن عزيزن جي جنازي ۾ شرڪت تي ڪا به پابندي ناهي.
ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو ته ڪجهه هنڌن تي انتظاميه لاش تحويل ۾ ورتو ۽ خاندان وارن کي به آخري رسمن ۾ شرڪت کان روڪيو، جيڪو ٿيو غلط ٿيو آهي.
هن چيو ته ڪورونا وائرس سبب ڪيسن ۽ موتن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، وينٽي ليٽرن تي ويندڙ مريض به وڌي رهيا آهن.