پاڪستان ايئر لائن ايسوسيئشن طرفان جهاز حادثي جي جاچ تي اعتراض واريا آهن. پالپا ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته انجڻ جي رن وي تي لکڻ جو اطلاع پائلٽ نه ڏيڻ سواليا نشان آهي، جڏهن ته ايمرجنسي ليڊنگ لاءِ ڊگهو روٽ ڏيڻ واري معاملي جي به جاچ ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته پهريل ۽ ٻي لينڊنگ جا تفصيل ملائي غلط رنگ ڏنو پيو وڃي، جاچ جي رخ کي غلط رخ ڏئي اصل ڪردارن کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هوڏانهن اڳوڻي سينيٽ چيئرمين رضا رباني ۽ مزدور يونين به پي آءِ اي جهاز حادثي جي جاچ ڪميشن کي رد ڪري ڇڏيو آهي. رضا ربانيءَ مطالبو ڪيو ته حڪومت جهاز حادثي جي جاچ لاءِ نيئن سر ڪميشڻ جوڙي، جنهن به پالپا جي نمائندن کي به شامل ڪيو وڃي. هن چيو ته حڪومت پي آءِ اي جي سمورين ٽريڊ يونين سرگرمين کي بحال ڪري لازمي سروس ايڪٽ ختم ڪيو وڃي.