ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 34 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا آهن، جنهن بعد فوتين جو انگ وڌي هڪ هزار 167 ٿي ويو، جڏهن ته 1748 نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد متاثرن جو انگ 56 هزار 349 ٿي ويو آهي.
ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 34 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا آهن، جنهن بعد فوتين جو انگ وڌي هڪ هزار 167 ٿي ويو.
ملڪ ۾ وڌيڪ 1748 نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد متاثرن جو انگ 56 هزار 349 ٿي ويو آهي.
خيبرپختونخوا ۾ 398، سنڌ ۾ 367، پنجاب ۾ 337، بلوچستان ۾ 40، اسلام آباد ۾ 16، گلگت بلتستان ۾ 7 ۽ آزاد ڪشمير ۾ ٻه ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن.
قومي اداري موجب، سنڌ ۾ 22 هزار 491، پنجاب ۾20 هزار 77، ڪي پي 7 هزار 905 ۽ بلوچستان ۾ ٽي هزار 407 ڄڻا ڪورونا ۾ مبتلا ٿي چڪا آهن.
نيشنل ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر موجب گلگت بلتستان ۾ 619، اسلام آباد 1641 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 209 ڪيسن جي تصديق ٿي چڪي آهي.
قومي اداري موجب، ملڪ ۾ صحتياب ٿيلن جو انگ 17 هزار 482 ٿي ويو آهي.
نيشنل ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر موجب، ملڪ ۾ 24 ڪلاڪن دوران 37 هزار 700 ٽيسٽون ڪيون ويون، هن وقت تائين 4 لک 83 هزار 656 ٽيسٽون ٿي چڪيون آهن..