صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان ترڪ صدر رجب طيب اردگان فون تي رابطو ڪري پاڪستاني قيادت ۽ قوم کي عيدالفطر جي مبارڪ ڏني ترڪ صدر جهاز حادثي ۾ فوتين جي گهرڀاتين سان ڏک جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ترڪي ڏک جي گهڙي ۾ پاڪستان سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي.
صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان ترڪ صدر رجب طيب اردگان فون تي رابطو ڪيو آهي.
ترڪ صدر، پاڪستاني قيادت ۽ قوم کي عيدالفطر جي مبارڪ ڏني.
ترڪ صدر جهاز حادثي ۾ فوتين جي گهرڀاتين سان ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته ترڪي ڏک جي گهڙي ۾ پاڪستان سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي.
صدر ڊاڪٽر عارف علوي به ترڪ هم منصب ۽ عوام کي عيد جون واڌيون ڏيندي چيو ته اميد آهي ته ڪورونا جهڙي عالمي وبا تي جلد ضابطو آندو ويندو.
صدر عارف علوي، ڪورونا وائرس جون حفاظتي ڪٽون فراهم ڪرڻ تي ترڪ هم منصب رجب طيب اردگان جا ٿورا پڻ مڃيا….